نواز  شريف کي ڏيهه واپس اچڻ گهرجي، عمران خان مان پ پ کي خطرو ناهي: خورشيد شاهه

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي ڏيهه واپس اچڻ گهرجي. پارليامينٽ کي نظر ڪرڻ تي کيس اڄ اهڙا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته عمران خان جي سنڌ ۾ سياست سان پ پ کي ڪو به خطرو ناهي. هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڏيهه واپس نه آيو ته سندس سياست کي نقصان پهچندو. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ کي نظرانداز ڪرڻ سبب نواز شريف کي اڄوڪا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. خورشيد شاهه چيو ته عمران خان جي ڪهڙي مجال آهي جو پ پ جو مقابلو ڪري سگهي، ٻار هيٺ مار کائن ٿا ۽ عمران خان اسٽيج تي ويٺل هوندو آهي. هن چيو ته پ پ جا اڳواڻ جانيون قربان ڪري سياست ۾ ايندا آهن، پ پ خطرن سان کيڏندي آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا ظاهري طور ڪا آسماني مخلوق آهن، کين ڪير آڻي ٿو، سڀني کي خبر آهي، عمران خان امپائر جي آڱر کڻڻ جو انتظار ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *