نواز شريف کي هڪ ڀيرو جمهوريت خاطر بچايو ٻيهر نه بچائينداسين: پيپلز پارٽي

اسلام آباد/لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته جمهوريت لاءِ نواز شريف کي هڪ ڀيرو بچايو هو پر هاڻي ڪنهن به صورت ۾ نه بچايو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي آصف علي زرداريءَ بابت بيان تي رد عمل ۾ خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف اهو ڏينهن ياد ڪري جڏهن هن آصف زرداريءَ سان ملاقات کان انڪار ڪيو، نواز شريف به تنهن وقت ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ملاقات نه ڪئي هئي. هن چيو ته نواز شريف ٻڌائي ته هن تنهن وقت ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو هو، ميان صاحب اهو مڪافات عمل آهي. سندس چوڻ هو ته  هاڻي نواز شريف ڦاٿل آهي، جمهوريت تي ڏکيو وقت ناهي، نواز شريف پنهنجي ڏکيائن جو بار جمهوريت تي نه وجهي. خورشيد شاهه چيو ته اسان بار بار چيو ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺو پر هن ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪيو، جمهوريت بچائڻ لاءِ اسان پهريون به نواز شريف کي هڪ ڀيرو بچايو پر هاڻي ڪنهن صورت ۾ نه بچايو ويندو.  سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي اسان کي نقصان پهچايو، هاڻي ساڻس گڏ ويهڻ مشڪل ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز ڀت ٽوڙي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر هاڻي ريفرنسن ۾ سندن خلاف فيصلو لازمي آهي هو مشڪل ۾ آهن پر جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي. هن چيو ته نواز شريف هميشه فوج، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي جمهوريت کي نقصان پهچايو، جنرل اسلم بيگ سان ملي بينظير ڀٽو جي حڪومت خلاف نواز شريف ئي کڙو ٿيو، ججن تي دٻاءُ وجهي بينظير کي سزا ڏياري، يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏيڻ ۾ به سندس هٿ هو. سندس چوڻ هو ته هڪ عرصي کان چئي رهيو آهيان ته نواز شريف شيڊول باسڪنگ ڪري رهيو آهي، کيس هر پردي ۽ ڪنڊ پويان ڀوت نظر اچي رهيو آهي، سندس پنهنجي حڪومت هئڻ باوجود چئي رهيو آهي ته سندس خلاف سازش ٿي رهي آهي. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته هو ٻڌائي ته حڪومت سندس پنهنجي آهي ته جمهوريت کي خطرو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، نالو وٺي ته آصف علي زرداري ڪنهن جي چوڻ تي سندس خلاف ڳالهائي رهيو آهي.  پ پ ترجمان چوڌري منظور چيو آهي ته نواز شريف هميشه پ پ سان دوکو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ پ پ ترجمان چوڌري منظور چيو ته نواز شريف جي ٽڪراءُ اختيار ڪري معافيون وٺڻ جي ڊگهي تاريخ آهي، ڪيترائي ڀيرا نواز شريف هٿان ڏنگيا وياسين، هاڻي دوکو نه کائينداسين. هن چيو ته اسان کي اڳتي ڪري نواز شريف پرويز مشرف کي پرڏيهه موڪليو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف وڪيل بڻجي ميمو گيٽ ۾ پ پ ۽ آصف علي زرداريءَ کي غدار قرار ڏيارڻ لاءِ نڪتو هو. چوڌري منظور چيو ته نواز شريف هڪ ٻيو وڏو دوکو ميمو گيٽ ۾ آصف علي زرداري خلاف ڪارو ڪوٽ پهري ڏنو. هن چيو ته افتخار محمد چوڌري ۽ نواز شريف جي ملي ڀڳت جمهوريت خلاف سازش هئي. سندس چوڻ هو ته اسان جي وزيراعظم کي افتخار محمد چوڌري هٿان نواز شريف گهر موڪليو. چوڌري منظور چيو ته آصف علي زرداري نواز شريف جي ٺاهيل ڪيسن ۾ مشرف جو جيل ڀوڳيندو رهيو. هن چيو ته بينظير ۽ آصف علي زرداري نواز شريف جا ماضي جا ڏوهه معاف ڪري ساڻس هٿ ملايو، نواز شريف پرويز مشرف کان معافي وٺي ٺاهه ڪري پرڏيهه هليو ويو. سندس چوڻ هو ته هٿ ملائي ڇرو هڻڻ ۾ نواز شريف جو ڪو به مٽ ناهي. چوڌري منظور چيو ته گيلاني کي گهر موڪليندڙ روڊن تي پڇي رهيو آهي ته کيس ڇو ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته نوابزاده نصرالله نواز شريف لاءِ چيو هو ته هو سڀني کي کپائي هليو ويو آهي، نواز شريف آصف زرداريءَ بابت ڳالهائڻ کان اڳ پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺي. چوڌري منظور چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا نواز شريف کان ڏنگيا آهيون، هاڻي دوکي ۾ نه اينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *