نواز شريف ڏيهه وريو ته حڪمرانن کي خبر پئجي ويندي، عمران سان ته جهيڙو ئي ناهي: مريم نواز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي حڪومت هوندي آهي ته مودي پاڻ هلي ايندو آهي، ڪمزور حڪمرانن جي ڪري ئي ڀارت جهڙو دشمن پاڪستان تي وار ڪري ٿو، نواز شريف کي مودي جو يار چوندڙ پاڻ ڪشمير کي ڀارت جي هنج ۾ وجهي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو ته عاجزي سان چئي رهي آهيان ته دلير انسان جي ڌيءَ آهيان، نواز شريف ۽ راجا حيدر کان دليري سکندي آهيان، نواز شريف جڏهن ته خبر پئجي ويندي. ن ليگي نائب صدر جو چوڻ هو ته اسان سڀ ڪشمرين سان گڏ آهيون، ڪشميرين سان منهنجو ته رت جو رشتو هو هاڻ دل جو رشتو به بڻجي ويو آهي، والاريل ڪشمير ۾ جڏهن شهادتون ٿينديون آهن ته زخم اسان جي روح تي لڳندا آهن، ڪمزور حڪمرانن جي ڪري ئي ڀارت جهڙو دشمن پاڪستان تي وار ڪندو آهي، جڏهن ووٽ کي عزت ملندي ته پاڪستان جي شهه رڳ تي وار ٿيندو آهي، جڏهن نواز شريف جي حڪومت هوندي هئي ته مودي پاڻ هلي ايندو هو، نواز شريف کي مودي جو يار چوندڙن ڪشمير ڀارت کي هنج ۾ ڏئي ڇڏيو. مريم نواز چيو ته وزير اعظم عمران خان مون کان ڊنل آهي، منهنجي اعلان تي عمران خان کي ايترو ڊپ هو جو مون کي گرفتار ڪرايو، نواز شريف جي زبان بند آهي پر اڄ اسان جا مخالف هنن جي ٻولي ڳالهائي رهيا آهن، جيڪي الزام نواز شريف تي هنيا ويا هئا اڄ حڪمران پاڻ انهن جي ور ۾ آهن، نواز شريف تي هڪ الزام ثابت ناهي ٿيو، نيب عدالت جو جج گهر اچي نواز شريف کان معافي گهري ٿو، هن معاملو الله تي ڇڏي ڏنو، جيڪو پنهنجو معاملو الله تعاليٰ تي ڇڏيندو آهي اهو ڪامياب ٿي ويندو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *