نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيندو، عدالتي فيصلي تي افسوس آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري ممڪلتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس ٿيو آهي، ڪجهه فيصلا عدالتن ۽ ڪجهه وري تاريخ ۾ ٿيندا آهن. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته اڄوڪي فيصلي تي کين ڪابه حيرت نه ٿي آهي. هن چيو ته اڄ ظاهري طور کين شڪست ملي آهي، ڪيس ۾ نواز شريف تي ڪابه ڪرپشن ثابت نه ٿي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪارڪن مسلم ليگ ن جا آهن، مسلم ليگ ن سڀ کان وڏي پارٽي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن ته نواز شريف کي سياسي منظر تان هٽايو ويو ته  هو وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي. هن چيو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو، کيس ڪرسي جي ضرورت ناهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي ڪنهن به صورت ۾ عوامي خدمت کان روڪي نه ٿو سگهجي. مريم اورنگزيب چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي آئيني ماهرن سان صلاح مشورا ڪيا ويندا. هن چيو ته وزيراعظم ڪير به هجي پر عوام جي دلين جو وزيراعظم نواز شريف هوندو. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جلد مشورو ڪري مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان ڪندي ۽ عوام ساڻن گڏ هوندو. مريم اورنگزيب چيو ته عوام جي دلين جو وزيراعظم اڃا به نواز شريف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *