نواز شريف ٻن سالن دوران 65 پرڏيهي دورا ڪري 68 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري ڪري ڇڏي: قومي اسيمبلي ۾ رپورٽ پيش

اسلام آباد (بيورو) وفاقي سرڪار، وزير اعظم جي پرڏيهي دورن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نواز شريف ٻن سالن دوران 65 پرڏيهي دورا ڪري 68 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ڪري چڪو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت پاران وزير اعظم نواز شريف جي پرڏيهي درون بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته مئي 2013ع ۾ ٿيل عام چونڊن کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف لنڊن ، سعودي عرب، سريلنڪا ۽ آمريڪا سميت هيل تائين 65 پرڏيهي ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي. وفاقي سرڪار پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته وزير اعظم جي پرڏيهي دورن تي 68ڪروڙ، 82 لک 76 هزار رپيا خرچ آيو آهي. حڪومت پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پرڏيهي دورن دوران وزير اعظم نواز شريف سان 631 ماڻهو گڏ هئا، جڏهن ته گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت  تي 7 ڪروڙ کان وڌيڪ خرچ ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *