نواز شريف وٽ سٺي ٽيم، عمران خان وٽ گهڻين شين جي کوٽ آهي: خورشيد شاهه

لاهور (م.ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌُر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف وٽ سٺي ٽيم ۽ عمران خان وٽ ڪافي شين جي کوٽ آهي، عمران خان هڪ بگڙيل ٻار آهي، چار ٿاٻا کائي خود ئي سنڀالجي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قومي اسيمبلي جو مدو 5 سالن مان گهٽائي 4 سال ڪيو وڃي ته مسئلا حل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن چيو ته سياست ۾ نه ڪو آخري دوست هوندو آهي نه آخري دشمن. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي خورشيد شاهه چيو ته بگڙيل ٻار چار ٿاٻا کائي پاڻ ئي سنڀالي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *