نواز شريف نااهلي کانپوءِ جمهوري نظام تباهه ڪرڻ چاهي ٿو: عمران خان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنجن ججن جاچ کانپوءِ  اتفاق سان فيصلو ڏنو پر فيصلي کي چئلينج ڪري نواز شريف عدالتي نظام کي تباهه ڪري رهيو آهي. نواز شريف طرفان جي ٽي روڊ تي جلسي سان لاهور وڃڻ جي اعلان تي عمران خان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته نواز شريف جو  منصوبو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مذاق اڏائڻ برابر آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي چئلينج ڪري نواز شريف عدالتي نظام کي تباهه ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف ڪرپشن بي نقاب ٿيڻ کانپوءِ قيادت جو اخلاقي جواز وڃائي ويٺو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *