نواز شريف ملڪ خانه جنگي شروع ڪرائڻ چاهي ٿو: عائشه گلالئي جو الزام

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي اڳواڻ عائشه گلالئي نئين سياسي پارٽي بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشه گلالئي ” پاڪستان تحريڪ انصاف گلالئي“ جي نالي سان نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن الزام هڻندي چيو ته نواز شريف ملڪ خانه جنگي شروع ڪرائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي سينيٽ چونڊن ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون. هن چيو ته سياستدانن جي ترجيح ۾ ذاتي مفاد ملڪي مسئلن کان وڌيڪ اهم آهن.  عائشه گلالئي چيو ته نواز شريف سپريم ڪورٽ مان نااهل ٿيڻ کان پوءِ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ پنهنجي مقبوليت وڃائي ويٺو آهي. هاڻ هو ملڪ ۾ خانه جنگي شروع ڪرائڻ چاهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *