نواز شريف غلطي سان وزير اعظم بڻجي ويو: عمران خان

پشاور (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف غلطي سان وزير اعظم بڻجي ويو، ڪرڪيٽ ۾ شرمائيند ڙن وٽ 20 ڪروڙ عوام جو مستقبل آهي، نيب کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف اثرائتيون ڪارروائيون ڪرڻ گهرجن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نواز ليگ سرڪار جي غلط پاليسين سبب ملڪ اربين ڊالرز جو قرضي ٿي ويو آهي، نيب کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائي کان روڪڻ افسوسناڪ آهي. هن چيو ته نواز شريف ڪرڪيٽ ۾ شرمائيندو هو، حيرت جي ڳالهه آهي ته اڄ هـــــُـو قومي احتساب بيورو جي چيئرمين کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ سياستدانن قومي ادارن کي ڀنيگ ڪري ڇڏيو آهي، قومي احتساب بيورو کي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ گهرجن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *