نواز شريف عوام جي وچ تي وڃڻ وارو فيصلو دير سان ڪيو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ريلي ڪڍڻ هر پارٽي جو حق آهي، نواز شريف کي عدالت نااهل قرار ڏئي چڪي آهي، پاڻ کي بچائڻ لاءِ اهو ئي طريقو هو، اپوزيشن اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته ميان صاحب طاقت جي بدران پارليامينٽ تي ڀروسو ڪيو، ان کي ڀٽي جو فلسفو سمجهه ۾ اچي ويو آهي ته طاقت اصل ۾ عوام ئي آهي، هن چيو ته جڏهن ڪرسي ملندي آهي ته ميان صاحب سڀ ڪجهه وساري ويهندو آهي، نواز شريف جي عوام جي راءِ ۽ سوچ کي سمجهڻ ۾ وڏي دير ڪري ڇڏي، نااهلي تي عوام ڏانهن وڃڻ ۾ نواز شريف تمام دير ڪري ڇڏي، قطري خط ميان صاحب کي نقصان پهچايو، هن چيو ته پ پ ايندڙ چونڊن ۾ سرپرائيز ڏيندي، جيڪڏهن اين اي 120 تي بيگم ڪلثوم نواز کي اميدوار بڻايو ويو ته ن ليگ چونڊ کٽي ويندي، هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڪو به معاملو نه آهي، هوءَ به اپوزيشن ۾ آهي ۽ اسان به.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *