نواز شريف صدقو ڏنو آهي، هاڻ قرباني به ڏيڻي پوندي: شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف پرويز رشيد جي صورت ۾ صدقو ڪڍيو آهي اڃا وڏي قرباني رهيل آهي، وڊيو پيغام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته  ڪو ٻيو نه پر خود حڪمران نظام لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، جيڪڏهن چوري نه ڪئي آهي ته تلاشي ڏيڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي پر حڪمران خاندان جي مزاحمت سان ثابت ٿئي ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي پر دال سڄي ڪاري آهي، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف پرويز رشيد جو صدقو ڪڍيو آهي ان کي وڏي قرباني ڏيڻي پوندي، عدم استحڪام هجي يا استعيفيٰ حڪمرانن جو جلد صفايو ٿيندو، هن چيو ته قومي سلامتي جا راز فاش ڪرڻ وارو پنهنجي انجام تي پهچندو ۽ ان ۾ هڪ نه پر 5 ماڻهو شامل آهن، هن چيو ته 2 نومبر تي هر صورت ۾ احتجاج ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *