نواز شريف جي وزيراعظم رهڻ جو هاڻي ڪو به جواز ناهي: مراد علي شاهه

اسلام ڪوٽ  (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سومر تي اسلام ڪوٽ ۾ جاري ٿر ڪول پراجڪيٽ جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ هو هوائي جهاز ذريعي اسلام ڪوٽ پهتو، ياد رهي ته ٿر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڏي وزير جو جهاز ان علائقي ۾ لٿو آهي، ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ سڌ سماءَ وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ٻيا صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، امداد پتافي ۽ تيمور ٽالپر ساڻس گڏ هئا، ياد رهي ته ٿر ڪول پراجڪيٽ جي ڪم سان نه صرف عالمي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ وڌندي پر يقيني طور تي چائنيز سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ مدد ملندي، ان کانپوءِ وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جي وزيراعظم رهڻ جو هاڻ ڪو جواز نه آهي، سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن ان کي نااهل قرار ڏنو آهي، جي آءِ ٽي ذريعي ڪيتريون ئي شاهديون سامهون اچي چڪيون آهن، مان پهريان به چئي چڪو آهيان ته نواز شريف هاڻ استعيفيٰ ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *