نواز شريف جي ضمانت جو وقت پورو، ڪوٽ لکپت جيل انتظاميه جاتي امرا پهچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ضمانت جو وقت پورو ٿي ويو آهي ۽ ڪوٽ لکپت جيل انتظاميا کيس ٻيهر جيل وٺي وڃڻ لاءِ جاتي امرا پهچي وئي آهي. سپريم ڪورٽ 26 مارچ تي نواز شريف جي طبي بنيادن تي 6 هفتن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت جو وقت اڄ 7 مئي تي ختم ٿي ويو آهي. ڪوٽ لکپت جيل جو عملو اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جيل شهزاد جي سربراهي ۾ جاتي امرا ۾ موجود آهي ۽ ان حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، اسسٽيٽ سپرنٽينڊنٽ جيل جاتي امرا مان نڪرندڙ هر گاڏي جي پاڻ چيڪنگ ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ نواز شريف پنهنجي گهر ڀاتين ۽ سياسي ساٿين سان گڏ افطاري ڪئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي پسند جا کاڌا تيار ڪيا ويا. نواز شريف جو سامان جيل پهچايو ويو آهي، جتي هو قافلي جي صورت ۾ پهچندو، مريم نواز سان گڏ ٻيا گهر ڀارتي، پارٽي اڳواڻ توڙي ڪارڪن به قافلي سان گڏ هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *