نواز شريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس، آرٽيڪل ٦۲،٦۳ ۾ ترميم تي غور ويچار

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جو اهم مشاورتي اجلاس رائيونڊ ۾ ٿيو جنهن ۾ قانوني معاملا، نيب ڪيس، پارٽي جي موقف سميت مستقبل جي لائحه عمل بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جو گورنر محمد زبير، قانون جي وفاقي وزير زاهد حامد، ريلوي جي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، پرويز رشيد، رانا ثناءُ الله ۽ٻين شرڪت ڪئي، ٻڌايو پيو وڃي ته ان اجلاس ۾ موجوده حالتن ۾ پارٽي جي سطح تي موقف جي حوالي سان سمورن اڳواڻن کي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ نيب ڪيس، نيب جي ڪارروائي بابت ڳالهيون ڪيون ويون، ان موقعي تي پارٽي جي مستقبل جي لائحه عمل بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ مستقبل ۾ به مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن بيگم ڪلثوم نواز جي صحت بابت آگاهي حاصل ڪئي ۽ ان جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، اجلاس کانپوءِ خواجه سعد رفيق، رانا ثناءُ الله سان گڏ ميڊيا کي ٻڌايو ته اجلاس ۾ قانوني معاملن تي مشاورت ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ پارٽي جو جيڪو موقف آهي ان حوالي سان اڳواڻن لاءِ بريفنگ جو احتمام ڪيو ويو، هن چيو ته اين اي 120 ۾ اميدوار جي تبديلي جي ڪا به تجويز غور هيٺ نه آهي پرڏيهي وزير حڪومتي معاملن جي سلسلي ۾ ملڪ کان ٻاهر هو، هن چيو ته سنڌ جي گورنر جي رائيونڊ ۾ اجلاسن ۾ شرڪت جي حوالي سان ان تي ڪا به پابندي نه آهي، هن چيو ته ڪا به تاريخ طئه نه ڪئي وئي آهي پر ان کان اڳ ايندڙ خبر درست نه هئي ته نواز شريف 24 آگسٽ تي لنڊن وڃي رهيو آهي، ڊاڪٽرن چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي بيماري جو علاج آهي، هن چيو ته چوڌري نثار علي خان پارٽي جو سينيئر اڳواڻ آهي، ن ليگ واحد پارٽي آهي جنهن ۾ اڳواڻ اختلاف راءِ رکندا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *