نواز شريف جي حسني مبارڪ جمهوريت قبول ناهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي حسني مبارڪ جمهوريت قبول ناهي، 30 نومبر تي ڊي چوڪ تي حڪومت جي سمورن هٿڪنڊن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ، عمران خان چيو ته سموريون رڪاوٽون ختم ڪري اسلام آباد پهچنداسين، جيڪڏهن حڪومت  کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته خراب حالتن جي ذميوار به پاڻ هوندي. لاهور ۾ پـِي ٽـِي آءِ پنجاب جي اڳوڻي صدر ۽ باني ميمبر احسن رشيد جي جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته محمد زبير کي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي الزام نه لڳائڻ گهرجن ها، محمد زبير اسد عمر جو ڀاءُ آهي پر ان نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين شپ لاءِ پنهنجو ضمير وڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي عوام آڏو حقيقتون پڌريون ڪيون وينديون ته حڪمرانن ڪيئن سرڪاري وسيلن جو بي رحماڻو استعمال ڪري رهيا آهن. عمران خان چيو ته شريف خاندان پهريان سرڪاري وسيلن تي ڌانڌلي ڪندا آهن پوءِ انصاف جون ڳالهيون ڪندا آهن. 30 نومبر بابت جلسي جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سموريون رڪاوٽون ختم ڪري اسلام آباد پهچنداسين، جيڪڏهن حڪومت    کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته خراب حالتن جي ذميوار به پاڻ هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *