نواز شريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي، فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )نواز شريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي، فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو، تفصيل موجب:  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽  اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ملاقات ڪئي. لنڊن مان ڏيهه واپسيءَ بعد پنجاب هائوس ۾ نواز شريف سان ٻنهي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب ملاقات دوران اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران چوڌري نثار علي نواز شريف جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو. چوڌري نثار علي نواز شريف سان بيگم ڪلثوم نواز جي صحت بابت دريافت دريافت ڪيو. چوڌري نثار علي ۽ نواز شريف ۾ ڏيڍ مهيني کانپوءِ ٿيل ملاقات دوران هڪ ٻي کي ميارون پڻ ڏنيون ويون. چوڌري نثار علي اڳوڻي وزيراعظم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. ٻئي طرف اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيشي جي حوالي سان وفاقي وزيرن، پارٽي اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي، فيصلو ڪيو ويو ته ڪارڪنن کي نه گهرايو ويندو ۽ نه روڪيو ويندو، عدالت ۾ نواز شريف سان گڏ پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ويندا، پيشي دوران احتساب عدالت اندر رينجرز ۽ ايليٽ فورس جو دستو مقرر ڪيو ويندو، ٻڌڻي دوران ميڊيا کي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *