نواز شريف جيڪو چيو ڪري ڏيکاريو، مشرف، عمران ۽ پ پ پيسا ڇا تي لڳايا؟: وزير اعظم

حسن ابدال /پشاور (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هزاره موٽر وي جي برهان کان شاهه مقصود انٽرچيج سيڪشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي ذريعن مطابق وزيراعظم هزاره موٽر وي اِي 35 جي برهان کان شاهه مقصود تائين 47 ڪلوميٽر انٽرچينج سيڪشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي 47 ڪلوميٽر هي منصوبو چين پاڪستان اقتصادي راهداري جو اهم حصو آهي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ اين ون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ موٽر وي جي تعمير جو هي ٻيو منصوبو آهي جيڪو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي موٽر وي تي 30 پل ۽ فلائي اوورز، 31 انڊرپاسز ۽ 157 باڪس ڪلورٽس تعمير ڪيا ويا آهن موٽر وي جي هن حصي کي ٽن سالن کان به گهٽ عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي هزاره موٽر وي جي ٺهڻ سان حطار انڊسٽريل ايريا، هريپور، حويليان، ايبٽ آباد ۽ اتر علائقن جي تقريبن 7 لک جي آبادي کي فائدو ٿيندو هزاره موٽر وي تي روزانو 28500 گاڏيون صفر ڪنديون هزاره موٽر وي جي اڏاوت هن علائقي جي عوام جو پراڻو مطالبو هو جيڪو پورو ڪيو ويو آهي ڪراچي لاهور موٽر وي جي منصوبي کي به اڳتي وڌايو پيو وڇي انهن سمورن منصوبن جو مقصد ملڪ ۾ بين الاقوامي معيار جو روڊ نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ آهي روڊ نيٽ ورڪ سان نه فقط پاڪستان پر هن سڄي علائقي جي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا ۽ پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا سامهون اڄڻ سان ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو. ٻيئ طرف  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال ۾ تعليم جو معيار برقرار رکڻ ۽ تدريسي خدمتن تي فئڪلٽي ميمبرن لاءِ انڊومينٽ فنڊ ۾ 2 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پنجاب حڪومت سان وفاقي حڪومت به ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندي ڪيڊٽ ڪاليج مان پڙهي نڪتل شاگرد ترقي ماڻيندا ملڪ ترقي جي رستي تي هلي پوندو ۽ جمهوريت متحرڪ آهي هو اربع تي هتي ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال ۾ والدين جي ڏهاڙي جي سالياني تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو ان موقعي تي پنجاب جو گورنر ملڪ رفيق رجوانا خواجه محمد آصف انجنيئر خرم دستگير ۽ ٻيا اعليٰ عملدارن پڻ موجود هئا وزيراعظم ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال ۾ انڊومينٽ فنڊ ۾ 2 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال اعليٰ روايتن ۽ معيار جو مالڪ آهي ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال مستقبل جي قيادت پيدا ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج نه صرف ملڪ نه پر سڄي دنيا ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي وزيراعطم پرنسپل ۽ فئڪلٽي ميمبرن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ ان جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪاليج ۾ داخل شاگرد ڪنهن سفارش جي بنياد تي نه پر پنهنجي اهليت جي بنياد تي اچن ٿا هي مستقبل جي قيادت آهن انهن سياست عسڪري شعبو صنعتن ۽ ٻين شعبن قيادت ڪرڻي آهي هن چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج مان پڙهي نڪتل شاگرد نه صرف ملڪ پر سڄي دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن جيڪا هڪ ڪاميابي آهي کين دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو هتي نظم ۽ ضبط مٿالي آهي هي شاگرد محب وطن پاڪستاني آهن سٺن ماڻهن جون خاصيتون انهن ۾ ظاهر اهن هي ڪردار ڪاليج ڏيئي سگهي ٿو وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت به ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن وزيراعظم استادن جي خدمتن تي 2 ڪروڙ رپيا ۽ 2 پگهارون اعزاز طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو هن چيو ته هن ڪاليج ۾ شاگردن جو انگ 6 هزار تائين آهي جڏهن ته ان جو حصو بهترين آهي ان کان اڳ وزيراعظم کي روايتي انداز ۾ ساليانو يوم والدين جي تقريب ۾ آندو ويو جتي کيس ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال جي شاگردن جي ڦڙت جٿي سلامي ڏني هن ڪاليج جي پرنسپل سان گڏ پريڊ جو معائنو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *