نواز شريف جو پارٽي سربراهه ٿيڻ جو رستو صاف، سينيٽ چونڊ سڌارن جو بل منظور ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سينيٽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل چونڊ سڌارن جو بل اعتزاز احسن جي ترميم کي رد ڪري منظور ڪري ورتو، جنهن بعد نواز شريف جي پارٽي سربراهه ٿيڻ جي راهه هموار ٿي وئي آهي، سينيٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي سربراهيءَ ۾ ٿيو، جنهن ۾ چونڊ سڌارن جي بل کي منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايم اين اي نه هئڻ جي صورت ۾ پارٽي سربراهه نه بڻجڻ جي اعتزاز احسن جي ترميم رد ڪئي وئي، پيپلز پارٽي طرفان سي ڪلاز 203 ۾ ترميم اعتزاز احسن پيش ڪئي، اها شق هئي ته جيڪو ايم اين اي نٿو بڻجي سگهي، اهو پارٽي جو سربراهه به نٿو بڻجي سگهي، اعتزاز احسن چيو ته حڪومت پارٽي ايڪٽ آرڊر تبديل ڪري رهي آهي، جيڪو غلط آهي، شق 203 ۾ ترميم جي لاءِ جڏهن پهرين ووٽنگ ڪرائي وئي ته ڪجهه حڪومتي نمائندا ايوان ۾ موجود نه هئا، جنهن تي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي، بل جي حمايت ۾ 37 ۽ مخالفت ۾ 38 ووٽ آيا، جنهن سان اعتزاز احسن جي شق 203 ۾ ترميم رڳو هڪ ووٽ تان رد ٿي وئي، ايم ڪيو ايم جو ووٽ حڪومت جي ڪم اچي ويو ۽ ڪلاز 203 تي راءِ شماري وقت سينيٽر عتيق شيخ ايوان ۾ موجود هيو، ياد رهي ته سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن جو انگ 26 ۽ مسلم ليگ (ن) جي ميمبرن جو انگ 27 آهي، شق 203 ۾ ترميم کان اڳ وفاقي وزير سعد رفيق ايوان ۾ سرگرم نظر آيو ۽ ححڪومتي ميمبرن جي ڳڻپ پوري ڪرائڻ لڳو، جنهن تي اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي چيو ته وفاقي وزير ايوان کي پريشان ڪري رهيو آهي، چونڊ سڌارا بل مطابق ڪنهن شهري کي سياسي جماعت سان وابستگي جو اختيار هوندو، شهري جيڪو سرڪاري ملازمت ۾ نه هجي، ان کي اختيار هوندو ته ڪا به سياسي جماعت بڻائي، جڏهن ته بل تحت آرٽيڪل 62، 63 تحت ناال شخص پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو ۽ اهي آرٽيڪل پارٽي سربراهه تي لاڳو نه ٿيندا، چونڊ سڌارا بل ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽي قانون ۽ انصاف جي ترميم به منظور ڪئي وئي، جنهن مطابق اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن اندر اليڪشن خرچن جي جاچ ڪري سگهي ٿي، مقرر وقت ۾ جاچ نه ڪئي وئي ته جمع ڪرايل خرچ درست تسليم ڪيا ويندا، جڏهن ته اثاثن ۽ ذميدارين جا تفصيل غلط ثابت ٿيا ته 120 ڏينهن اندر ڪارروائي ٿيندي، واضح رهي ته چونڊ سڌارا بل کي قومي اسيمبلي مان منظوري بعد سينيت ۾ پيش ڪيو ويو هيو ۽ هاڻي بل کي واپس قومي اسيمبلي اماڻيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *