نواز شريف جو لابنگ لاءِ قومي ناڻي جي استعمال جو انڪشاف، عمران خان جو نوٽيس، ادائيگين جو مڪمل رڪارڊ ۽ تفصيل طلب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نواز شريف طرفان لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي قومي ناڻي مان ڳري رقم جي ادائيگي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو ۽ لاڳاپيل ادارن مان ادائيگين جو مڪمل ريڪارڊ ۽ تفصيل طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته پرڏيهي قانوني ڪيسن تي ٿيل خرچ جي آڊٽ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب ن ليگي حڪومت جي قومي ناڻي کي نقصان رسائڻ جي هڪ ٻي ڪهاڻي سامهون آئي آهي، اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف طرفان ذاتي ۽ حڪومتي لابنگ جي لاءِ آمريڪي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي حڪومت ۾ نواز شريف بن آمريڪي ڪمپنين ڪيمبرج ايناليٽڪا ۽ روبيٽو گلوبل جون خدمتون حاصل ڪيون، جنهن جي ادائيگي تي قومي ناڻي مان ڳري رقم خرچ ڪئي وئي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نواز شريف ڪمپنين جي مدد سان عالمي سطح تي ذاتي ۽ حڪومتي لابنگ ڪئي، مختلف قسم جيس رويز ڪرائي وئي جنهن ۾ اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جو گراف ٻين سياسي پارٽين کان مٿي ڏيکايو ويو پر ڳالهه اُتي به بيهي نه سگهي. وزير اعظم عمران خان معاملي جو نوٽيس وٺندي آمريڪي ڪمپنين کي ڪيل ادائيگين جو مڪمل ريڪارڊ طلب ڪري ورتو جڏهن ته هدايت ڪئي ته اڳوڻي حڪوتم ۾ جن پرڏيهي ڪمپنين کي ڳري رقم جي ادائيگي ڪئي وئي انهن جي سموري تفصيل پيش ڪئي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *