نواز شريف جو اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، قطر ائير ايمبولينس کي به ڪليئرنس ملي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزارت نواز شريف کي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيندي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته قطر ائير ايمبولينس کي به ڪليئرنس ملي وئي آهي. گهرو کاتي طرفان نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان هڪ ڀيرو ڪڍڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت نواز شريف کي هڪ ڀيرو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته نواز شريف جي واپسيءَ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل حلف نامن کي به نوٽيفڪيس جو حصو بڻايو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي تحت نواز شريف کي 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني آهي. رپورٽس موجب نواز شريف کي علاج خاطر پرڏيهه وٺي وڃڻ لاءِ گهرايل قطر ايئر ايمبولينس کي به ڪليئرنس ملي وئي آهي. ايئر ايمبولينس سڀاڻي صبح جي وقت لاهور ايئرپورٽ تي پهچي ويندي، جتان نواز شريف کي لنڊن نيو ويندو. رپورٽس موجب نواز شريف قافلي جي صورت ۾ ايئرپورٽ پهچندو، ايئرپورٽ تائين مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر سوڌو ٻيا به ساڻس گڏ هوندا

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *