نواز شريف تڪرار واري سياست ڇڏي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آهي ته نواز شريف تڪرار جي سياست ڇڏي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ن ليگ ميثاق جمهوريت تي ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته پهرين بندوبست ڪري. بلاول ڀٽو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نواز شريف جي سياست ۾ نئون ڪجهه به ناهي، هو پنهنجي ذات جي سياست ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، هو جمهوريت ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته نواز شريف واقعي ميثاق جمهوريت تي ڳالهائڻ چاهي ٿو ته تڪرار جي سياست ڇڏي ڳالهيون ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *