نواز شريف تي جڏهن ڏکيو وقت ايندو آهي ته پ پ قيادت کي منٿون ڪندو آهي: وڏو وزير

سيوهڻ (رپورٽر) ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ سيد مراد علي شاهه واهڙ ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه مرحوم جي سالياني نائين ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سيد عبدالله شاهه هڪ بهترين ايڊمنسٽريٽر ۽ نهايت ئي محبتي ماڻهو هو، جيڪو هر ماڻهو غريب توڙي امير کي هڪ نظر سان ڏسندو هو. هن سندس نائين ورسي جي موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سيد عبدالله شاهه هڪ جرئت مند وزير اعليٰ هو ۽ سنڌ ليول تي ڪوبه معاملو ٿيندو هو ته ان کي همت ۽ حوصلي سان حل ڪندو هو. هن چيو ته سنڌ ۾ اهڙو ضلعو ۽ تعلقو نه هو جتي هو نه ويو هجي ۽ اتي وڃي ماڻهن جا برابري جي بنياد مسئلا ٻڌي حل ڪندو هو. هن چيو ته سيد عبدالله شاهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نقش قدم تي هلي ڪم ڪيو، جنهن ڪري مان سندس عظمت کي سلام پيش ڪيان ٿو. سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته پاناما ليڪس معاملي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ چيو ته نواز شريف تي جڏهن ڏکيو ايندو آهي ته پ پ قيادت کي منٿون ڪندو آهي، جڏهن ته آصف علي زرداري جمهوريت کي زنده رکيو آهي. هن چيو ته بارداڻي جي منصافانه ورهاست ٿي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي بارداڻي جون شڪايتون آهن جيڪي جلد حل ٿي وينديون. ورسي تقريب کي آجياڻو خطاب ڪندي سنڌ جي ناڻي ۽ آبپاشي واري سينيئر صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس والد سيد عبدالله شاهه سنڌ جي عوام جي جنهن نموني خدمت ڪئي ان جو مثال ڪٿي به نه ٿو ملي ۽ مان سندس نائين ورسي تي آيل سمورن مهمانن ۽ هزارين جي تعداد ۾ آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيان ٿو. صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر ڳالهائيندي چيو ته عبدالله شاهه وڏ وزارت جي دور ۾ سنڌ مان دهشتگردي جو خاتمو آندو، پاڻ هڪ معتبر شخصيت جو مالڪ هو ۽ سنڌ دوست انسان هو. هن چيو ته پ پ هميشه سنڌ جي وحدانيت خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻايو آهي. هن چيو ته پ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو بهادر ليڊر آهي اهو پنهنجي امڙ شهيد راڻي جي مشن تي هلندي ورڪرن جي سار لهندو. تعليم واري سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو ته سيد عبدالله شاهه ڏکين حالتن ۾ وزير اعليٰ رهيو ۽ هڪ دٻ دٻي وارو شخص هو، اڄ ماڻهن کان پنهنجا وسري ويا آهن پر سيد عبدالله شاهه لاءِ اڄ به اکيون آليون آهن. ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته سيد مراد علي شاهه کي واڌايون پيش ڪيان ٿو، جيڪو هر سال وانگر پنهنجي والد مرحوم سيد عبدالله شاهه جي ياد ۾ جلسو منعقد ڪري ٿو. هن چيو ته سيد عبدالله شاهه 3 سالن جي دور حڪومت ۾ بهترين ڪم ڪيو جيڪو ڪم 5 سالن کان به وڌيڪ هو ۽ سيد عبدالله شاهه سنڌ ۽ ملڪ لاءِ جيترو ڪم ڪيو جنهن تي کيس قوم ياد ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ پ پ خلاف هميشه سازشون ٿينديون رهن ٿيون جيڪي اسان ناڪام بڻايون آهن ۽ چيو ته 2018ع پ پ جي حاڪميت جو سال آهي. ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ڄامشوري جو عوام خوشنصيب آهي جنهن کي سيد عبدالله شاهه جهڙو بهادر ليڊر مليو، سيد عبدالله شاهه هڪ تاريخ آهي ۽ پاڻ هر وقت پ پ جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته سيد عبدالله شاهه هڪ اصولي سياستدان هو جنهن سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ عبدالله شاهه هڪ شخص جو نالو نه پر هڪ اداري جو نالو آهي. ان موقعي تي ورسي تقريبن ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، صوبائي وزير بلديات ڄام خان شورو، ايم پي اي فياض ٻٽ، امداد پتافي، پير مجيب الحق، صوبائي وزير ايڪسائيز گيانچند ايسراڻي، ايم اين اي عمران ظفر لغاري، صوبائي وزير خوراڪ ناصر شاهه، علي محمد ولهاري،ايم پي اي سيد سردار شاهه، ايم پي اي فقير داد کوسو، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، رئيس امان الله شاهاڻي، سيد حاجن شاهه، اڳوڻو ايم پي اي سيد آصف علي شاهه، سردار سڪندر علي راهپوٽو،ڪمشنر حيدرآباد قاضي شاهد پرويز، ڪمشنر ڪراچي سيد آصف حيدرشاهه، ڊي سي ڄامشورو منور علي مهيسر، محمد صالح شمن راهپوٽو، راجا غلام سرور راهپوٽو، پير شفيق احمد ويهڙائي سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جڏهن ته ورسي تقريب جي شروعات کان اڳ صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *