نواز شريف بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ اسامه بن لادن کان پئسا ورتاۡ: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ چيو آهي ته خراب ماڻهو هر هنڌ موجود آهن، سلام شهدا ريليءَ ۾ وڏي ڏياري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر ڪوئيٽا واقعي تي اها ڏياري تقريب ملتوي ڪئي وئي، ڪراچيءَ ۾ شو مندر ۾ ڏياريءَ جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته ڪوئيٽا واقعي تي هندو برادريءَ ڏياريءَ جو ڏڻ سادگيءَ سان ملهائڻ جو اعلان ڪيو، اسان امن ۽ جمهوريت پسند آهيون، پاڪستان ۾ مسلمانن سان گڏ اقليتن کي به عبادت جي مڪمل آزادي آهي، اسان سڀ گڏجي دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪري سگھون ٿا، وڏو وزير ننڍي عمر جو ۽ اعليٰ تعليم يافتا آهي، سنڌ ۾ جيئن گڏجي سڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي، ٻيون حڪومتون ايئن ڪم نه پيون ڪن، نواز شريف ضياءُ الحق جو سياسي پٽ آهي، نواز شريف امير المومنين بڻجڻ پي چاهيو، بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ هُن اساما بن لادن کان پئسا ورتا، آرمي پبلڪ اسڪول حملي تي عدالتي جاچ ڪميشن ٺهڻ گھرجي ها، ڪي پي سرڪار حملي جي جاچ لاءِ عدالتي جاچ ڪميٽي نه جوڙي، سڀ ڏسون پيا ته اسلام آباد ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ٻيهر چوان ٿو ته نواز سرڪار منهنجا چار مطالبا مڃي. پاناما بل منظور ڪيو وڃي، احتساب کان سواءِ مُلڪ نه هلي سگھندو، اسان کي عدليا ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻو آهي، روڊن تي ۽ پارليامينٽ ۾ وڙهنداسين، پر دهشتگردن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، مودي اسان جي فوجين، شهرين کي ماري رهيو آهي پر ڪو به ٻڙڪ به نه ٿو ڪڍي، آمريڪا ۾ اليڪشن وڙهندڙ به موديءَ جا لفظ ڳالهائي رهيو آهي. حڪومت سٺن طالبانن کي سرگرميون ڪرڻ پئي ڏئي، پر اسان ۽ عمران خان جي سرگرمين کي روڪيو ويو آهي، توهان اسان جا يا ملڪ جا وزيراعظم ۽ گھرو وزير نه آهيو توهان سٺن طالبانن جا وزيراعظم ۽ گھرو وزير آهيو، نواز شريف اسان ۽ عمران خان جو نه پر سٺن طالبانن جو وزيراعظم آهي، ميان نواز شريف نه پر پاناما شريف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *