نواز شريف بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسامه بن لادن کي پئسا ڏنا: شيرين مزاري

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ عارف علوي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري چيو ته گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزير پرويز رشيد عمران خان ۽ تحريڪ انصاف بابت ڪوڙ ڳالهايو ۽ ڪوڙي وڊيو ڏيکاري پرويز رشيد چيو ته ضرب عضب سان عمران خان کي مسئلو ٿيو آهي پر شاهد هو وساري ويٺو آهي ته عمران خان پارليامينٽ ۾ آپريشن جي حمايت ڪئي هئي هن چيو ته عمران خان پي ٽي وي تي حملي جي حمايت نه پر ان جي مذمت ڪئي وئي ڇو ته دهشتگردن جي حمايت ڪرڻ جو ڪلچر تحريڪ ان صاف ۾ ناهي پر مسلم ليگ ن جا پابندي مڙهيل تنظيمن سان رابطا آهن ۽ ان جا اڳواڻ دهشتگردن جي سربراهن سان ملندا رهيا آهن، شيرين مزاري جو چوڻ هو ته نواز شريف بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسامه بن لادن کي پئسا ڏنا، انجم عقيل کي ڇڏائڻ لاءِ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن ٿاڻي تي حملو ڪيو جڏهن ته پرويز رشيد کي ياد هجڻ گهرجي ته سپريم ڪورٽ تي ن ليگ حملو ڪيو هو ان ڪري اسان تي الزام لڳائڻ ۽ سوال ڪرڻ بجاءِ هو ٻڌائي ته انهن جو جواب ڪير ڏيندو هن چيو ته جهلم ۾ مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي حملو ڪرايو جنهن سبب هڪ زخمي فوت ٿي ويو ۽ اسان ان واقعي جو ڪيس شهباز شريف خلاف داخل ڪرائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *