نواز شريف اڊيالا جيل ۾ اوهان جي لاءِ جڳهه تيار ٿي رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اميد آهي ته 2018 تائين خيبر پختونخواهه ۾ 4 هزار ميگاواٽ جا پراجيڪٽ شروع ٿي ويندا، پهريون ڀيرو خيبر پختونخواهه ۾ پرائيويٽ سيڪٽر بجلي جي شعبي ۾ آيو آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ته صنعت بند هئي، خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي هئي، نواز شريف جو پبلڪ ۾ وڃڻ مشڪل آهي، نواز شريف هر هر عوام کي چيو پنهنجي ۽ خاندان جي احتساب لاءِ تيار آهيان، انهن ڌمڪيون ڏنيون آهن ته اسان احتساب کي مڃون ئي نٿا، نواز شريف اسيمبلي ۾ بيهي چيو هيو ته هي آهن اهي دستاويز، انهن وٽ ڪي دستاويز ئي ناهن، هن چيو ته سواءِ ان جي ته اوهان کي شرم اچي، اوهان ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيون، مان هي ڪندس، مان هو ڪندس، جمهوريت ۾ وزيراعظم، وزير ۽ حڪومت جوابده هوندا آهن، عمران خان چيو ته نواز شريف اوهان وٽ وقت گهٽ آهي، قوم اوهان جي ڌمڪين جو فڪر ناهي ڪندي، مني لانڊرنگ ڊبل ڪرپشن هوندي آهي، چوري جو پئسو ٻاهر اماڻي ڇڏيندا آهن، اوهان فيڪٽري لڳائي رکيون هيون ۽ ڪمپنيون بڻايون هيون، نواز شريف اڊيالا جيل ۾ اوهان جي لاءِ جڳهه تيار ٿي رهي آهي، ڇا اوهان کي غلط فهمي ته نه ٿي وئي آهي ته اوهان مغل بادشاهه آهيو، چون ٿا الزام ڪهڙا آهن، اوهان تي 12 ڪيس ته نيب ۾ پيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *