نواز شريف اوهان پنهنجي چوري لاءِ ٻين چورن کي به چوري جي اجازت ڏئي ڇڏي: عمران خان

ڪهوٽا (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف اوهان پنهنجي چوري لاءِ ٻين چورن کي به چوري جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪهوٽا ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته قائداعظم محمد جناح جا دشمن به ان کي صادق ۽ امين چوندا هئا، پاڪستان کي دنيا ۾ اسلامي فلاحي رياست بڻجي مثال بڻجڻو هيو، هڪ ننڍو طبقو امير ٿيندو پيو وڃي ۽ سڄي قوم پٺتي وڃي رهي آهي، هن چيو ته اڄ پاڪستان پاسپورٽ جي دنيا ۾ عزت ناهي ڪئي ويندي، عمران خان چيو ته جڏهن هڪ ملڪ جو حڪمران ڪوڙو هوندو آهي، چوڌري ڪندو آهي، بدديانتي ڪندو آهي، اهو نظام تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، ملڪي ادارا تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، قرض وٺي بار مهانگائيءَ جي صورت ۾ عوام تي وڌو ويندو آهي، هن چيو ته ڪرپشن ۽ چوريءَ ادارا تباهه ڪيا، جڏهن هڪ ملڪ جا ادارا تباهه ٿيندا آهن، ملڪ تباهه ٿي ويندو آهي، نواز شريف اوهان پنهنجي چوري لاءِ ٻين چورن کي به چوري جي اجازت ڏئي ڇڏي، عمران خان چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ايندڙ هفتو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان اهم هفتو اچي رهيو آهي، انشاءَ الله ان هفتي ۾ فيصلو ٿيندو ته ڇا هي ڌاڙيلن جو پاڪستان هوندو يا نئون پاڪستان بڻجندو، هن چيو ته اسان جي برابر وارا ڪيترائي ملڪ اڄ اسان کان اڳتي نڪري چڪا آهن، ڪرپشن سبب ملڪ ۾ سيڙپڪاري ناهي ايندي.تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته شاهدين باوجود شاهدين باوجود استعيفيٰ نه ڏيڻ شرم جوڳو عمل آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته نواز شريف خلاف مني لانڊرنگ، ٽيڪس چوري ۽ ٻين  ڪيسن ۾ پڪيون شاهديون آهن. هن چيو ته هاڻي نواز شريف استعيفيٰ ڏئي استعيفيٰ کان بچي نه ٿو سگهي. سندس چوڻ هو ته قوم جو پئسو کائيندڙ ۽ ٽيڪس جي باقيدارن کي جن کي مالياتي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي ڪهڙي نموني اعتماد حاصل ٿي سگهي ٿو. عمران خان چيو ته نواز شريف پنهنجي ملڪي کي دوکو ڏيڻ سميت پنهنجي والد مرحوم والد ۽ سندس ٻارڙن کي به سڀني سامهون بدنام ڪري رهيو آهي کيس پنهنجي عمل لاءِ شرمسار ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته  30 سالن تائين هنن انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ انتظار ڪيو آهي، نواز شريف هاڻي پرڏيهي حڪومتن جي مدد وٺڻ بند ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *