نواز حڪومت کي سهڪائيندڙ پي ٽي آءِ اخلاقي طور کٽي وئي: عقيل عباسي

11 آڪٽوبر 2015ع تي پنجاب جي گادي واري شهر لاهور، جنهن کي عام طرح سياسي ماڻهو تخت لاهور به چوندا آهن، ان جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ 122 ۾ ملڪي تاريخ جي سڀ کان مهانگي ترين ضمني چونڊ جو چرچو انهيءَ ڪري ٿيو جو اتان چونڊيل نوازليگ جو نمائندو گذريل ٽن سالن کان قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪرشپ جي اهم عهدي تي مسلسل رهيو، پر جڏهن اليڪشن ڪميشن پاران صاف شفاف ڳڻپ ٿين لڳي ته پوءِ اياز صادق پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان موجب 53 هزار بوگس جعلي ووٽ کڻي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. انهيءَ لاءِ وري اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اصولي طرح ڏٺو وڃي ته ڪهڙي به حڪومت هجي، انهن جو ماڻهن تي هروڀرو پريشر، نوڪريون ڏيڻ جا نوان آسرا دلاسا، ڪٿي ايلاز منٿون ته ڪٿي ڏاڍ مڙسي، ڪٿي سرڪاري مشينري جو استعمال ته وري ڪن کي انتقامي ڪارواين ذريعي هيسائڻ جو حربو استعمال ٿيندو رهندو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق اين اي 122 تي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل تحريڪ انصاف جي عبدالعليم خان سخت مقابلو ڪرڻ کانپوءِ هارائي ويو. جڏهن ته انهيءَ ڏهاڙي تي ئي لاهور جي صوبائي تڪ 147 تي پي ٽي آءِ جو اميدوار شعيب صديقي ڪامياب ٿيو آهي ۽ سامهون مقابلي ۾ بيٺل (ن) ليگ جي اميدوار چار هزار ووٽن تان شڪست کاڌي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ قومي اسيمبلي جي اوڪاڙه واري تڪ اين اي 144 تي آزاد اميدوار ڪاميابي ماڻي آهي. معنيٰ ته نواز ليگ جي ٻن اميدوارن بري شڪست کاڌي ۽ هڪ لاهور واري سيٽ اين اي 122 کٽي ورتي. اها سيٽ کٽڻ لاءِ وفاقي حڪومت تمام گهڻا وس ڪيا. هئڻ ته ائين گهرجي ها ته اياز صادق جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جي بيٺل اميدوار عليم خان کي اڌ تي اڌ ووٽ ملن ها ته پوءِ چئجي ها ته واقعي پنجاب ۾ هاڻي به اوتري ئي نواز ليگ جي مقبوليت آهي، پر هتي سڄي وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم نوازشريف پاڻ هڪ ڏينهن اڳ گورنر هائوس ۾ هڪ طرف کان گورنر پنجاب ته ٻئي پاسي کان وزيراعليٰ پنجاب شهباز شريف انهيءَ پريشانيءَ ۾ هئا ته هاڻي پي ٽي آءِ مان پنهنجي دعويٰ ڪندڙ شهر لاهور مان جند ڪيئن ڇڏائجي. هونئن به اڪثر عوام جو اهو چوڻ هو ته جيڪڏهن انهيءَ لاهور واري سيٽ تان (ن) ليگ شڪست کائي ٿي ته پوءِ انهن جو آئيندو ڏاڍو ڀيانڪ ٿيندو، ان لاءِ انهيءَ سيٽ تي ضد بڻجي ڪري نواز ليگ پنهنجن سڀني وزيرن خواجه سعد رفيق کان ويندي عابد شير علي تائين ۽ وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف جي پٽ حمزه شهباز ۽ مريم نواز تائين سڀني انهيءَ تڪ کي انا جو مسئلو ڪري کٽڻ باوجود به ڄڻ ته هارايو آهي، ڇاڪاڻ ته اخلاقي طرح پي ٽي آءِ جو چيئرمين عمران خان ۽ عليم خان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، انهن پي ٽي آءِ جي هڪ اميدوار عليم خان سان پوري وفاقي حڪومت ۽ انهن جي ڇڏيل ڇاڙتن کي صوبائي توڙي وفاقي حڪومت ۾ سڀ حربا استعمال ڪرڻ باوجود به ايڏي وڏي تعداد ۾ ووٽ کڻڻ ڪا مذاق ڳالهه ناهي. انهيءَ کي سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ته اڻويهه ۽ ويهه جو فرق آهي. اياز صادق ٽي سال ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ به ٽي ڀيرا اها سيٽ کٽيندو آيو آهي، انهيءَ تڪ تي پهرين کيس وڏي تعداد ۾ ووٽ ملندا هئا، پر هن ڀيري مقابلي ۾ رڳو ٻن ٽن هزارن جو فرق نظر آيو آهي، ضمني چونڊ جي غير حتمي نتيجن وقت رات جو دير تائين (ن) ليگ جي جلسي ۾ ووٽ وٺڻ ۽ انهن جي ڪاميابيءَ جي اعلان باوجود به حمزه شهباز، خواجه سعد رفيق، عابد شير علي سميت ٻين (ن) ليگ جي اڳواڻن وزيرن ۽ اياز صادق وارن جا خوشيءَ جو موقعي هجڻ تي چهرا ڏسڻ وٽان هئا، اهي کٽڻ جي باوجود به ڄڻ هارائي چڪا هئا.

قومي يا صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي رهندڙ ميمبر سمجهي ڇڏي ته ايندڙ وقت عوام جي احتساب جو آهي، جيڪي اميدوار جتان ڪامياب ٿي اچن ٿا، پر پنهنجن شهرن جي عام ماڻهن کي روڊ رستا، صفائي سٿرائي، پيئڻ جو صاف پاڻي، بجلي ۽ گئس سميت ٻيون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن. بجلي، گئس، روڊ رستا ۽ پاڻي ئي مليو ته ڄڻ عوام جي اها وڏي ڪاميابي ٿيندي. هن ڀيري حڪومت ۾ ويٺل وزيرن کي ڪجهه احساس ڏيارڻ لاءِ ٻين نون معتبر، معززين، نيڪ نيت ۽ سنڌ جي سڄڻن کي موٽ ملڻ گهرجي، پوءِ جتي بار بار ساڳين چهرن کي ڏسي ڏسي ملڪ ۾ سياسي وبا جو مرض ڦهلجي چڪو آهي، اتي هڪ دفعو انهن نون نعرن، نون چهرن ۽ نون تبديلي آڻيندڙن کي به آزمائي ته ڏسون، جيڪي سدائين عوام کي سدا بهار گيتن ۽ نون نعرن ۾ مشغول رکي ووٽ وٺڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن کي هڪ دفعو ضرور ووٽ ڏيڻ گهرجي، پوءِ عمران خان جي تبديلي واري حقيقي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته عوام کي ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ڪي پي ڪي واري خوشحال حڪومت ته نصيب ٿيندي. اهڙين مدي خارج حڪومتن ۽ ٿڪلن مان ته نجات ملندي، جيڪي ملڪ جي ڪرپٽ ترين ماڻهو جي گرفتاريءَ تي احتجاج ڪندي ۽ واويلا ڪندي نٿا ٿڪجن ۽ وري اهو چيو وڃي ٿو ته اهو حملو سنڌ تي ڪاهه آهي. سمجهه کان ٻاهر، حقيقتن کان بي خبر اسان جي سادي سودي عوام جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هڪڙا هنڀوڇين ۾ پورا ته ٻيا وري دهل ۽ شرنائين جي ناچ گانن ۾ مست ٿيندي اهڙا ته گانا ٺاهيا وڃن ٿا جو ناچ ڪندڙ به دنگ رهجي وڃن ٿا. اسان جو عوام ڪڏهن پنهنجي ضمير مطابق فيصلا ڪندو؟ ڪڏهن پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي اجتماعي سوچ مطابق ووٽ ڪندو؟ عوام ڪڏهن پنهنجي سنڌ جي ٿڃ ملهائيندو ۽ ڪنهن به غاصب، غدار، آمر ۽ لٽيري کي ووٽ ڪرڻ بجاءِ نيڪ نيت مخلص اميدوارن کي ترجيح ڏيندو؟

هن دنيا ۾ اڃا ڪيترائي اڻ ڳڻيا نالا سماجي همدردين سان ڀرپور هڏڏوکي قسم جا اميدوار به آهن، جيڪي ووٽ ملڻ يا نه ملڻ بجاءِ هر ڀيري پاڻ هن نظام ۾ نواڻ آڻڻ لاءِ اليڪشن ۾ حصو وٺندا رهن ٿا، حقيقت ۾ نيڪ نيت اميدوارن جو ووٽ حق آهي، جيڪي ووٽ توهان اسان کان وٺڻ بجاءِ فارم ڀري ويهي رهن ٿا، انهن جي سماجي ڪمن کان عوام مطمئن ۽ متاثر به آهي ته ووٽ انهن جو حق بڻجي ٿو يا نه؟ باقي ڪوڙن ڏٽن، ٺلهن آسرن ۾ رهڻ بجاءِ جن کي بار بار آزمايو ويو هجي وري انهن کي ڪير آزمائي سگهي ٿو؟ عوام شعور سمجهداري ۽ انقلابي سوچ جو مظهر تڏهن بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ڪوڙ کي ڪوڙ چئي، نه ته گهٽ ۾ گهٽ انهن ڪوڙن کي دل ۾ ته برو سمجهي ۽ اهڙن ڪوڙن آسرن، ڏٽا ڏيندڙ سياست ڪندڙن کي ووٽ ڇو ڏنو وڃي؟ انهيءَ جي شروعات اول پاڻ کان ۽ پنهنجي احتساب سان ڪرڻ گهرجي! باقي (ن) ليگ جي لاهور واري سيٽ جو سڄي ملڪ جي عوام حشر ڏٺو ته انهن وفاقي ۽ صوبائي حڪمرانن جي وڏي ڪوششن کان پوءِ اها سيٽ ڪهڙي نموني سان کٽي آهي، ايندڙ وقت ڪرپٽ حڪمرانن لاءِ وڏو امتحان هوندو، انهيءَ لاءِ عوام جي داد رسي ڪئي وڃي ۽ پنهنجي پجارو ڪلچر بجاءِ عوامي مسئلن جي حل لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *