نواز الدين صديقي اداڪار جي انسائيڪلوپيڊيا آهي: ٽائيگر شيروف

نئين دهلي(اي پي پي) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شيروف چيو آهي ته نواز الدين صديقي اداڪاريءَ جي انسائيڪلوپيڊيا آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب ٽائيگر شيروف چيو آهي ته نواز الدين صديقي فلم انڊسٽريءَ ۾ سڀني کان باصلاحيت ۽ ورسٽائل اداڪار آهي ۽ ڪنهن به اداڪار لاءِ هن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو سِکڻ جو تجربو هوندو. هن چيو ته نواز الدين اداڪاريءَ جي دنيا ۾ انسائيڪلو پيڊيا آهي. آئون کيس ڪڏهن به تنگ ناهي ڪيو. آئون خاموشيءَ سان سندس جائزو وٺندو آهيان ۽ هن کان سِکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ٽائيگر شيروف ۽ نواز الدين صديقي فلم ”منا مائيڪل“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڊانس ايڪشن فلم 21 جولاءِ تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *