نوازشريف کي جيل ۾ سموريون طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، نواز شريف جي ضمانت رد ڪرڻ بابت تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبي بنيادن تي داخل ضمانت جي درخواست  رد ڪرڻ جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان ستن صفحن تي ٻڌل  تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته  نوازشريف کي جيل ۾ سموريون طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن، سهولتن جي فراهمي کانپوءِ  طبي بنيادن تي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپرنٽنڊنٽ جيل ۽ نواز شريف ڪڏهن به ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي درخواست نه ڪئي آهي جڏهن ته نواز شريف بابت شريف ميڊيڪل سٽي جي رپورٽ به مبهم آهي. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته  پرڏيهي ڊاڪٽر به ٻڌائڻ کان لاچار آهن ته ڪيئن پاڪستان ۾ نواز شريف جو علاج ممڪن ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *