نوازشريف ڌرڻو ناڪام بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس بيورو کي ڪروڙين روپيا ڏنا: عمران خان

جهلم (مانيٽرنگ ڊيسڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوازشريف ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ آئي بي کي 270 ڪروڙ روپيا ڏنا ۽ هر مهيني اشتهارن جي مد ۾ 3 ارب روپيا ڏنا پيا وڃن. جهلم ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ هڪ ڪرڪيٽ ميچ ٿيو جنهن ۾ افغان صدر ۽ نوازشريف موجوا هئا پر ”گو نواز گو“ جي خوف سبب عوام کي نه گهرايو ويو. وقت اچي ويو آهي ته اسين فرسوده نظام مان نجات وٺون، اسين هڪ نئون پاڪستان بڻائينداسين جنهن جنهن جي بنياد تي عدم ۽ برابري هجي، 30 نومبر تي اسلام ۾ فيصلائتي جنگ ٿيندي. ڌانڌلي کي بينقاب ڪرڻ تائين عمران خان جو ڌرڻو ختم نه ٿيندو 94 ڏينهن کان ڪنهن جي شادي يا فوتگي ۾ ناهيان ويو ٻارن سان به ناهيان مليو انصاف گهرجي ته 30 نومبر تي مون سان گڏ اسلام آباد پهچجو وقت اچي ويو آهي ته ٿاڻي جي سياست ڪندڙن کان جان ڇڏايون اهڙو نئون پاڪستان بڻايون جنهن ۾ انسان جي عزت هجي حڪمران هاڻ توهان کي غلام بڻائڻ لاءِ پنهنجن ٻارن کي تيار ڪري رهيا آهن مون ڪڏهن به لاهور کان ٻاهر ايتريون عورتون ناهن ڏٺيون عمران خان سنڌ جي پيڙهيل ماڻهن سان گڏ بيٺل هوندو سنڌ ۾ اچي ماڻهن جي خوف جون زنجيرون ٽوڙينداسين جهلم ۾ تحرڪي انصاف جي جلسي کي خطاب ڪندي عمرا نخان چيو ته بٽ هڪ عظيم قوم آهي گلو کي گلو چوندس بٽ نه، نئون پاڪستان بڻائڻ لاءِ صرف 200 قابل ماڻهو گهرجن 100 هرڻيون گڏجي حملو ڪن ته چيتو ۽ گدڙ ڀڄي ويندو، هن سوال ڪيو ته ڪرپشن ڪندڙ وزيراعظم عمران خان کي جيل موڪلي سگهي ٿو؟ عمران خان چيو ته ڌانڌلي کي بينقاب ڪرڻ تائين عمران خان جو ڌرڻو ختم نه ٿيندو منهنجي بجلي به ڪٽي وئي ميڻ بتي سان وقت گذاريندو آهيان آءِ بي جو بجيٽ 20 ڪروڙ رويپا آهن حڪومت ڌرڻي کان ڊڄي اني کي 270 ڪروڙ روپيا ڏنا تجزيه نگارن جي ضمير خريدڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ٽي وي اينڪرن جي ٻولي لڳائي وئي ميڊيا هائوسز جو ضمير خريدڻ لاءِ پئسا لڳايا ويا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *