نوازشريف جي زندگي جي گارنٽي ڏيندا ته ٻئي ڏينهن تي اچي ويندو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نوازشريف جي حياتي جي گارنٽي ڏيندا ته هو ٻئي ڏينهن اچي ويندو هڪ انٽرويو ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته نوازشريف جو علاج نه پيو هلي ته هو واپس اچي ويندو سندس صحتيابي لاءِ 3 آپريشن ضروري آهن. اسان چيو نوازشريف جي زندگي جي گارنٽي ڏيندا ته هو ٻئي ڏينهن تي ئي واپس اچي ويندو شاهد خاقان چيو ته نوازشريف کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي ان جون سزائون بحال آهن هو واپس ايندو ته پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏيندو بجيٽ بابت هن چيو ته معاشي حالتون ايتريون خراب ٿي ويون جو بجيٽ ٺاهي ئي نٿا سگهن. تاريخ جي پهرين بجيٽ آهي ناڻي واري وزير رليف ڏيڻ جي ڳالهه به نه ڪئي شوڪت ترين بجيٽ ۾ اهو به نه چئي سگهيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ٿيندو بجيٽ ۾ ايتريون ڪوتاهيون آهن جو پئسا پورا ئي نٿا ٿي سگهن اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بجيٽ جا حدف پورا ڪرڻ لاءِ حڪومت قدم ناهن کنيا حڪومت کي نواز ٽيڪس لڳائڻا پوندا پوءِ بجيٽ حدف پورا ٿيندا شاهد خاقان عباسي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف کي اسيمبلي ۾ ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، ڪميٽي ۾ موجودگي الڳ ۽ ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ الڳ ڳالهه هوندي آهي ڪميٽي ۾ شامل ماڻهن بل تي خدشا لکت ڏنا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم نه ٻڌايو ته آمريڪا اڏا گهريا آهن، پرڏيهي وزير پارليامينٽ ۾ نه ٻڌايو ته اهڙي گهر ڪئي وئي آهي حڪومت کي گهرجي ها ته آمرڪا اڏا گهريا آهن ته پارليامينٽ ۾ اعتماد ۾ وٺي ها، حڪومت معاملو پارليامينٽ ۾ آڻي ها ته اسان حقيقتون ڏسي جواب ڏيون ها. شاهد خاقان چيو ته وزيراعظم پارليامينٽ ۾ ٻڌائي ها ته بائيڊن اڏا گهريا ته مان انڪار ڪيو، آمريڪا اڏا گهريا ئي نه آهن ته انڪار ڪيئن ڪري رهيا آهيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *