نوازشريف جي تحريڪ عدل لاءِ نه آهي، شهبازشريف جي خلاف هوندي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ( پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نوازشريف جي تحريڪ عدل جي لاءِ نه آهي پر شهبازشريف جي خلاف هوندي عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته جمهوريت اخلاقي جرئت تي هلندي آهي ۽ جمهوريت ۾ چونڊن سان نئين مينڊيٽ ڏانهن وڃبو آهي هن چيو ته ماڊل ٽائون مسئلي تي آل پاڪستان ڪانفرنس کان پوءِ حڪمت عملي بابت خبر پوندي چيئرمين تحريڪ انصاف چيو ته حديبه ڪيس ۾ نوان ثبوت سامهون آيا آهن هٿ تي هٿ رکي نه ويهنداسين شهبازشريف جي هوندي اسان ان جي ڪرپشن ڪـڍي وٺنداسين عمران خان چيو ته هن وقت جيڪڏهن ڪوئي اهو چئي ٿو ته نئون جنرل سيڪريٽري رکو ته اهو پارٽي سان مخلص نه آهي هن چيو ته جهانگيرترين جي نااهلي بابت نظرثاني اپيل ۾ جيڪو فيصلو ايندو ان کان پوءِ جنرل سيڪريٽري جو فيصلو ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *