نوازالدين صديقي هالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار

 

مبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نوازالدين صديقي به هالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار آهي جڏهن ته ان جي هالي ووڊ ويب سيريز فلم جي پهرين جهلڪي منظرعام تي اچي وئي.بالي ووڊ جي فلم ڪڪ، بدلاپور، بجرنگي ڀائيجان ۽ رئيس جهڙين سپر هٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ نوازالدين صديقي هميشه نوان ۽ منفرد ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ پنهنجي حقيقي اداڪاري سان انهن ۾ ايئن سمائجي ويندو آهي جو اهو نه صرف مداحن جو پسنديدا ڪردار بڻجي ويندو آهي پر اداڪار جي سڃاڻپ به بڻجي ويندو آهي جڏهن ته هاڻ هن هالي ووڊ ۾ به انٽري ڏئي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن جي مطابق بالي ووڊ اداڪار نوازالدين صديقي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽا گرام تي پنهنجي هالي ووڊ ويب سيريز جو پوسٽر جاري ڪندي چيو ته ميڪ مافيا منهنجي پهرين عالمي ويب فلم سيريز هوندي ۽ اها تمام حيرت انگيز هوندي.ٻئي طرف هالي ووڊ جي ڊائريڪٽر ۽ ميڪ مافيا سيريز ۾ هدايتڪار جا فرض سرانجام ڏيندڙ جيمس واٽڪن خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته فلم گينگ آف واسي پور ۾ نوازالدين صديقي جي حيرت انگيز اداڪاري ڏسي منهنجي خواهش هئي ته مان نواز سان گڏ ڪم ڪندس ڇو ته هو هڪ زبردست اداڪاري آهي جيڪو نه صرف هر ڪردار ۾ سمائجي وڃي ٿو پر اسڪرين تي پنهنجي موجودگي جو به احساس ڏياري ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *