نوازالدين صديقي سانوري رنگ سبب تعصب جو شڪار بڻجي ويو

ممبئي (اين اين آءِ)باليووڊ جي بهترين اداڪار نوازالدين صديقي پنهنجي سانوري رنگ سبب تعصب جو شڪار بڻجي ويو، هونئن ته سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي نالي واري شخصيتون پنهنجي قوميت ۽ رنگ سبب تعصب جو شڪار سبب بڻجي چڪيون آهن بالي ووڊ ۾ اهو رجحآن ڪجھه وڌيڪ ڏٺو وڃي ٿو ان لاءِ ته شاهه رخ خان، اڪشي ڪمار ۽ پريانڪا سميت ڪيترائي نالي وارا اداڪار ان تعصب کان محفوظ نه رهيا ، ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي جدا سڃاڻ ٺاهيندڙ اداڪار نوازالدين صديقي انتهائي غريب گھراڻي سان تعلق رکڻ جي باوجو ڪاميابي حآصل ڪيون هو به ان جو شڪار بڻجي ويو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ هڪ ٽوئيٽ ڪندي ان چيو ته مونکي اهو احساس ڏيارڻ لاءَ توهانجي مهرباني ته مونکي پنهنجي سانوري رنگ سبب گوري رنگ واري ۽ سهڻن ماڻهن سان گڏ فلمن ۾ ڪاسٽ نه ٿو ڪري سگھجي پر مان انهن ڳالهين کي ڪڏهن دل ۾ نه ورتو. نوازالدين صديقي اهو ٽوئيٽ ان جي ڪري ڪيو ته ڊائريڪٽر جي هڪ بيان سبب جنهن ۾ ان چيو ته فلم ۾ پهريان نوازالدين سان گڏ چترانگا سنگھه کي ڪاسٽ ڪيو ويو پر ان جي انڪار تي هيرو کي مدنظر رکندي وڌيڪ ڪاسٽنگ ڪئي وئي. ڇو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن ڀوري رنگ واري اداڪار کي نواز سان گڏ ڪاسٽ ڪيون ته اهو تمام عجيب لڳي هان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *