نوابشاهه ۾ معصوم نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت، 10 ڪلان کانپوءِ لاش هٿ

نوابشاهه (ڊ.ر) جمشيد ڪالوني نوابشاهه جي رهواسي سونو جو 8 سالن جو معصوم پٽ ڪشور مبينه طور گاجر واهه ۾ ٻڏي فوت ٿئي  ويو جنهن جو لاش وارثن پاران نواز ڏاهري  وٽان واهه مان  هٿ ڪري نوابشاهه اسپتال آندو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي معصوم ڪشور جي وارثن چيو ته اسان جي نينگر کي پاڙي جي نوجوان عمير ملڪ ساٿي سان گڏ گاجر وراهه ۾ ڌڪ ڏيئي ان کي قتل ڪيو آهي ۽ اسان  بي سيڪشن پوليس کي سڄي حقيقت کان آگاهه ڪيو آهي ۽ پوليس  جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي پر پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ لا۽ تيار نه آهي ۽ اسان کي شڪ آهي ته بي سيڪشن پوليس ڏوڪڙ وٺي اسان جي معصوم نينگر جو خون لوڙهي ڇڏيندي هنن چيو ته نوابشاهه ۾ اقليتي  برادري سان ظلم ٿئي رهيو آهي پر ميڊيا کانسوا۽ ٻيو ڪوبه اسان جي مدد نٿو ڪري هنن مطالبو ڪيو ته ڪشور کي بئرانچ ۾ ڌڪو ڏيئي ٻوڙي قتل ڪندڙ جوابدار عمير ملڪ ۽ ان جي ساٿين خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته فوت ٿيل ڪشور کي گهوٽ وانگي مٿي تي موڙ ٻڌي هٿن پيرن تي ميندي هڻي هنڌو مآهب جي ريستن رسمن بعد هنڌن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *