نوابشاهه: شهيد ڀٽو جي جيالن جي ڪار اونڌي، 5 ڪارڪن فوت

ڪراچي/نوابشاهه(نمائندن وٽان)قاضي احمد لڳ ٺٽي واسي پيپلز پارٽي جي جيالن سان روڊ حادثو،5 ڄڻا فوت.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 37 هين ورسي تي ٺتي مان گڙهي خدا بخش ويندڙن سان  قاضي احمد لڳ ڪار تيزرفتارهجڻ سبب  ريڻ شاخ ۾ ڪري پئي،جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.فوتين جي سڃاڻپ  ٺٽو،ميرپور شاڪرو واسي عبدالرحمان تنيو ۽ ٻين طور ٿي آهي فوتين جا لاش ڪڍي اسپتال پهچايا ويا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ٺٽي کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدا بخش ويندڙ پ پ ڪارڪنن جي ڪار قاضي احمد لڳ حادثي جو شڪار ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 پ پ ڪارڪنن جي فوت ٿيڻ تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٺٽي ضلعي جي لقمان ڳوٺ جي رهواسي پ پ ڪارڪنن جي ڪار قاضي احمد لڳ حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد ڪلٽي ٿي شاخ ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ يو سي ٻهارا جو چيئرمين  عبدالطيف سومرو سميت حاجي موريو سومرو، ابوبڪر سومرو، عبدالرحمان تنيو۽ پوڙهو خان فوت ٿي ويا. واضح رهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان عقيدت طور ملڪ جي ڏورانهن علائقن مان لکين ماڻهوهر سال ورسي واري پروگرام ۾ شرڪت لاءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ايندا آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي ڪارڪنن جي فوت ٿيڻ واري خبر ٻڌڻ تي آئون ڏک ۾ ورتل آهيان. پيپلزپارٽي جي چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿيل ڪارڪنن جي پونئرن سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوت ٿيلن کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ سوڳوار پونئرن کي صبر ۽ جميل جي توفيق عطا فرمائي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه قاضي احمد ويجهو روڊ حادثي ۾ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندن گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪئي آهي. سي ايم هائوس مان جاري بيان موجب قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ پيپلز پارٽي جا 5 ڪارڪن فوت ٿي ويا ۽ ان تي وڏي وزير پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي فوتي ڪارڪنن جي وارثن سان ڏک ونڊيندي چيو ته پارٽي کين اڪيلو نه ڇڏيندي. سنڌ جي وڏي وزير طرفان ڊي سي نوابشاهه گهنور لغاري کي هدايت ڪئي وئي ته هُو ورڊ حادثي ۾ فوت ٿيل پنجن ئي پيپلز پارٽي ڪارڪنن جا مڙهه ٺٽي موڪلڻ جا انتظام ڪري ۽ ڊي سي ٺٽي کي به هدايت ڪئي وئي ته هُو شهيد ڪارڪنن جي تدفين ۾ ڀرپور سهڪار ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *