نوابشاهه: زال هٿان مڙش قتل، مڙس جا منهنجي ڀينرن سان ناجائز لاڳاپا هئا: قتل ڪندڙ عورت

نوابشاهه (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نوابشاهه ڀرسان عورت مڙس کي بدچلن هئڻ جي الزام هيٺ ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار نارِيءَ جو چوڻ آهي ته مڙس جا سندس ٻن ڀينرن سان ناجائز لاڳاپا هئا ۽ هن ننڍي ڀاءُ سان به زيادتي ڪئي  هئي. بڇيري جي واري علائقي ڳوٺ طارق آباد ۾ ثمينا آرائين ڪهاڙيون هڻي مڙس شوڪت آرائين کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي نوابشاهه اسپتال پهچايو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس جوابدار عورت ثمينه کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن مڙس مٿان بدچلن هئڻ جا الزام هڻندي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان سان ڳالهائيندي نارِيءَ چيو ته مڙس جا سندس ٻن ڀينرن آسيه ۽ رابعه سان ناجائز لاڳاپا هئا ۽ هن سندس 14 ورهين جي ڀاءُ الهرکيو کي به لاڙڪاڻي جي فئڪٽري ۾ پورهئي لاءِ وٺي وڃڻ بعد بدفعلي جو نشانو بڻايو. ثمنيه جو چوڻ آهي ته هن سهري کي دانهون ڏنيون پر هن به ڪجهه نه ڪيو، ابتو جوابدار کيس تشدد جو نشانو بڻايو. گرفتار ناري جو چوڻ هو ته گذريل رات به مڙس تشدد ڪيو، جنهن بعد سهپ جواب ڏئي وئي ۽ هن رات جي وقت ڪهاڙيون هڻي مڙس کي ماري ڇڏيو. مقتول شوڪت آرائين ثمينه سان پرڻي کان اڳ هڪ زال کي طلاق ڏني هئي، جيڪا ٻن ٻارن سميت پيڪن ڏانهن پنجاب هلي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *