نوابشاهه جي ٻانڌي روڊ تي مسافر وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر، ۳ ڄڻا فوت، ۷ زخمي

نوابشاهه(ويب ڊيسڪ) نوابشاهه جي علائقي دوڙ ٻانڌي روڊ تي غلام محمد جمالي ڦاٽڪ وٽ ٺري ميرواهه کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين ۽ نوابشاهه کان ٻانڌي ويندڙ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتجي ۾ ڪار ۾ سوار عثمان، ذيشان شيخ ۽ مسمات چاندني موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته معصوم ٻارڙي پپو شيخ، امير شيخ، حنا شيخ، علي گل رند سميت ۷ ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي علاج نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ آندو ويو، جڏهن ته فوتين جا لاش پڻ نوابشاهه اسپتال آندا ويا، جتان وارث نوابشاهه جي علائقي مهاجر ڪالوني ۾ ٽنهي فوتين جا لاش کڻائي ويا. فوتي عثمان شيخ جي ۵ ڏينهن اڳ شادي ٿيل هئي ۽ هو حادثي ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته سندس ڪنوار حنا پڻ زخمي ٿي آهي، گهوٽ ڪنوار مائيٽن سان گڏ ٻانڌي ۾ هڪ دعوت تي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *