نوابشاهه، لاهور ۽ ڏکڻ توڙي اتر وزيرستان جي عوام کي ڪيئن بجيٽ جي عمل کان ٻاهر رکي سگهجي ٿو : بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي جي چئن ميمبرن جا پراڊڪشڻ آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، آصف زرداري جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي حمايت تي ايم ڪيو ايم جي واکاڻ ڪئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ بحث ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آصف علي زرداري ملڪ جو صدر رهيو آهي، هن 11 سال جيل ۾ گذاريا پر هو هر ڪيس ۾ آزاد ٿيو، اڄ به هر فورم تي وڙهي رهيو آهي، آصف زرداري بري ٿيندو. هن چيو ته نوابشاهه، لاهور ۽ ڏکڻ توڙي اتر وزيرستان جي عوام کي ڪيئن بجيٽ جي عمل کان ٻاهر رکي سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته جيڪو سڀ ڪجهه هلي رهيو آهي اهو جمهوريت ۽ ايوان جي توهين آهي، افسوس سان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته اسپيڪر جي ڪرسي سان جيڪا واعدا ڪيا ويا اهي پورا نه ٿي سگهيا آهن.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  اسان جي حق ۽ ايوان جي روايت کي پورو ڪندي آصف زرداري ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *