نه پاڪستان نه نيوزيلينڊ، ٻي ون ڊي ميچ برسات کٽي وئي، ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان

نيپيئر (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊِي ميچن واري سيريز جي ٻي ميچ مينهن سبب ختم ڪئي وئي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ نيپيئر جي ميڪلين پارڪ ۾ رٿيل هئي پر مينهن سبب ان ۾ دير ٿي وئي، ميچ پاڪستاني وقت مطابق صبح جو 6 وڳي شروع ٿيڻي هئي پر ميدان ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري راند شروع نه ٿي سگهي، امپائرن 10 لڳي 20 منٽن تي ٻيهر وڪيٽ ۽ ميدان جو معائنو ڪيو پر وڪيٽ تي آلاڻ ۽ آئوٽ فيلڊ آلي هجڻ ڪري ميچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، واضح هجي ته ٽن ميچن واري سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڪاميابي ماڻي هئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 31 جنوري تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *