ننڍپڻ ۾ چاڪليٽ جون هر طرح جون ڪليون، سڪا ۽ مهرن کي هيٺان ميڙيندي هيس: انوشڪا

ممبئي(شوبز نيوز) ننڍپڻ ۾ هر ٻار تقريبن هڪ ئي طرح جون حرڪتون ڪندو آهي ۽ والدين جي منع ڪرڻ باوجود به انهن جي ناهي ٻڌندو، پر عام ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته ان جي پسنديده شخصيت شايد ڪنهن ٻي دنيا مان ئي آئي آهي ۽ انهن ان شخصيتن جو پنهنجو ئي تصور بڻايو هوندو آهي. اهڙي ئي ڪجهه ننڍپڻ جون خوبصورت يادون انوشڪا شرما پنهنجي مداحن سان شيئر ڪيون جنهن کي ٻڌي سڀ تمام گهڻو حيران ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق بالي ووڊ ادڪارا انوشڪا شرما ٽي وي پروگرام ۾ پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ڦلاري“ جي پروموشن لاءِ پهتي، اداڪارا کان جڏهن پروگرام دوران ننڍپڻ جي عادتن بابت پڇا ڪئي وئي ته ان هڪ اهڙي عادت جو انڪشاف ڪيو جنهن کانپوءِ ان جا مداح ۽ ان پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهو حيران ٿي ويا، اداڪاره چيو ته ننڍپڻ ۾ ان کي لڳندو هو ته هوءَ هڪ وڏي ڪٻاڙي آهي ڇو جو هوءَ ننڍپڻ ۾ چاڪليٽ جون هر طرح جون ڪليون، سڪا ۽ مهرن کي هيٺان ميڙيندي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *