ننڍي کنڊ جو مهان ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي 95 سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو، سنڌ ۾ سوڳ

لاڙڪاڻو (بيورو) ننڍي کنڊ جو مهان ڏاهو ۽ سنڌ جو سپوت ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي 95 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو، سندس وڇوڙي تي هند ۽ سنڌ جا ڪروڙي سنڌي سوڳوار آهن، جڏهن ته سوڀي گيانچنداڻي جو اگني سنسڪار اڄ ڪيو ويندو. ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي صبح جو ننڊ مان اٿڻ بعد چانهه پيئڻ بعد اُس جو تڙڪو وٺڻ لاءِ ڪرسي تي ويٺو ته هيٺ ڪِري پيو. ڪامريڊ جي پٽ نرمل داس کيس فوري طور تي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس ديهانت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جنهن بعد ڪامريڊ جي اَرٿيءَ کي گهر منتقل ڪيو ويو. ڪامريڊ جي ديهانت واري خبر ٻــُڌڻ سندس مائٽ، دوست، قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن سميت مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو سندس رهائشگاهه تي پهچي ويا آهن. ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي ڪافي عرصي کان ڇاتي جي انفڪيشن ۾ مبتلا هــُو ۽ کيس 2 ڀيرا ڪراچي جي اسپتالن مان سندس علاج ڪرايو ويو جتي سنڌ سرڪار وس آهر مالي سهائتا پڻ ڪئي. ڪامريڊ سوگيانچنداڻي جي پٽ نرمل داس موجب سندس والد جون آخري رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ جون نياڻيون ۽ ويجها مائٽ ٻاهرين ملڪن مان اچڻا آهن. ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي جي ديهانت تي سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل ست ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *