ننڍي چونڊ دوران متحده تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي: خواجا اظهار الحسن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران متحده ايم پي اي خواجا اظهار الحسن اين اي 246 تي ننڍي چونڊ ۾ متحده جي سوڀ کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو، اسپيڪر پاران خرم شيرزمان کي جوابي تقرير کان روڪڻ تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. اسپيڪر سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن چيو ته لياري ۾ پ پ ڪامياب جلسو ڪيو، جنهن تي هو کين مبارڪ ڏين ٿا. هن چيو ته 23 اپريل تي ننڍي چونڊ دوران متحده تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪي وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا هئا انهن کي عوام رد ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو هڪ پارٽي جي ضمانت رد ٿي وئي. پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي خواجا اظهار الحسن شعر پڙهڻ شروع ڪيا ۽ هڪ شعر ۾ سرڪار کي به طعنو ڏيندي چيو ته “جو آج بيٺَي هين مَسنـَد په ڪَل نهين هونگي،،،،ڪِرائي ڪا هَي گَهر، اپنا مڪان ٿوڙِي هي. خواجا اظهار الحسن جي جواب ۾ تحريڪ انصاف جي خرم شير زمان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ متحده کي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪ ڏني. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارا اهو ته چون ٿا ته هنن کي عوام چونڊيو، پر ميڊيا اهو به ڏٺو ته سندن ڪارڪنن مٿان حملا ڪيا ويا، کين مهم هلائڻ کان روڪيو ويو، ان جو ذڪر ڇو نه ٿا ڪن؟ ان موقعي تي متحده ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڏنو، اسپيڪر، خرم شير زمان کي چيو ته پوائنٽ آف آرڊر تي تقرير نه ڪريو، ڪم جي ڳالهه ڪريو. خرم شير زمان چيو ته هڪ پاسي کان پوائنٽ آف آرڊر تي شاعري پڙهي وئي، اسان کي جواب ڏيڻ به نه ٿو ڏنو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر شرجيل ميمڻ کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي تحريڪ انصاف جا ميمبر احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان کي به ڳالهائڻ وقت درست لفظن جو استعمال ڪرڻ گهرجي، ايوان ۾ ويٺل دوستن کي به گهرجي ته هو پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي ڌرين جو موقف حوصلي سان ٻڌن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *