ننڍن صوبن  ۽ ننڍن ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي رهي ته نيب سُٺي هئي:خورشيد شاهه

لاهور:قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته نيب سنڌ ۾ ڪارروائي ڪندي رهي ته ڪنهن به اعتراض نه هيو،هُن پنجاب ۾ کير سان ڌوتل ماڻهن ۾ هٿ ڇو وڌا آهن، پيپلز پارٽي ته 2008ع کان نيب کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي.حميد نظامي جي ڏينهن واري تقريب کي خطاب ڪندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته مضبوط مخالف ڌر مضبوط جمهوريت لاءِ آهي ، ڪمزور پارليامينٽ مان ڪمزور جمهوريت جنم وٺندي آهي.سندس چوڻ هو ته ميان صاحب ٿورو دير سان سوچيندو آهي،پيپلز پارٽي ته 2008 ع کان چوندي پئي اچي ته نيب کي ختم ڪيو ۽ ڪرپشن خلاف پارلياماني ڪميشن بڻائي وڃي،پرجيستائين ننڍن صوبن  ۽ ننڍن ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي رهي ته نيب سُٺي هئي،هاڻي انهن غلطيءَ سان پنجاب جي ماڻهن ۾ هٿ وڌا آهن ته نيب خراب ٿي وئي.مخالف ڌر جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پنجاب جا ماڻهو ته صاف ۽ پاڪ آهن،ڪرپشن رڳو ننڍن صوبن جا ماڻهو ڪند آهن،اسانکي تاريخ مان سبق وٺڻو پوندو.خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جيستائين رينجرز سنڌ ۾ ڪارروائي ڪندي رهي ته بهترين هئي،هاڻي پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏنو آهي ته تڪليف ٿي رهي آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته اسانکي ميٽرو ۽ اورينج لائين ريل تي ڪو بهٿ اعتراض ناهي ،پر جيڪڏهن انهن پئسن مان وڏا اسڪول ۽ اسپتالون ٺهن ها ته عوام جو گهڻو ڀلو ٿئي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *