نندي پور پاور پروجيڪٽ: بابر اعواڻ بري، راجا پرويز جي بريت واري درخواست رد

اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ننديپور ريفرنس ۾ بابر اعواڻ ۽ قانون واري اڳوڻي سيڪريٽري رياض ڪياني جي بريت جي درخواست منظور ڪندي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي درخواست رد ڪري ڇڏي اڱاري تي ننديپور ريفرنس ۾ دير سان ناڻي کي 27 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ جي ريفرنس ۾ بابر اعواڻ کي احتساب عدالت آزاد ڪري ڇڏيو جج ارشد ملڪ جوابدارن پاران داخل ٿيل بريت واري درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويو عدالت راجا پرويز اشرف پاران داخل ٿيل بريت واري درخواست رد ڪندي نيب کي پرويز اشرف سميت 5 جوابدارن خلاف شاهديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بابر اعواڻ آزادي لاءِ پهرين به هڪ درخواست داخل ڪئي هئي پر ٻيهر درخواست واپس وٺندي ٽرائيل سان منهن ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ بابر اعواڻ ٻيهر بريت جي درخواست داخل ڪئي هئي بابر اعواڻ جو موقف هو ته ان دور ۾ پاڻي ۽ بجلي جي وزارت ڪابه سمري نه موڪلي هئي. سمري ان کان اڳ وزيرن جي دور ۾ موڪلي ويئي هئي ريفرنس ۾ هڪ ڏينهن اڳ 7 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو. انهن جوابدارن جي بريت کان پوءِ سڀاڻي ڏينهن پنجن جوابدارن جي خلاف ٽرائيل هلايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *