نقيب الله قتل ڪيس:  رائو انوار خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري، اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عدالت کان مٿانهين قتل جي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس واري ٻڌڻي دوران حفاظتي ضمانت جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ڳجهين ايجنسي کي ڳولڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي جمعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نقيب الله قتل کي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي ان مقوقعي تي سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه سميت سنڌ پوليس جا اعليٰ آفيسر پڻ پيش ٿيا ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس سنڌ جي آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا رائو انوار پيش ٿيو آهي جنهن تي هن ٻڌايو ته هو پيش ناهي ٿيو جنهن تي چيف جسٽس اي ڊي خواجه کي چيو ته اوهان جي ذميواري هاڻي به اتي آهي چيف جستس چيو ته اسان رائو انوار کي پيش ٿيڻ لاءِ شفاف موقعو ڏنو حفاظتي ضمانت به ڏني لڳي ٿو ته رائو انوار پيش نه ٿي وڏو موقعو وڃائي ڇڏيو ۽ ان جي گرفتاري لاءِ پوليس کي سموريون سهولتون ڏينداسين. ذريعن موجب ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جي ٻين جوابدارن جو ڇا ٿيو جنهن تي سنڌ جي آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ته 21 مان 9 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي ته سنڌ پوليس جي 50 سيڪڙو ڪارڪردگي به نه آهي جڏهن ته 50 پوليس منهنجي حڪم تي 36 ڪلاڪن ۾ زينب جو قاتل گرفتار ڪري ورتو هو چيف جسٽس چيو ته اوهان جي ڪوششن جي باوجود رزلٽ نه پيو اچي اڄ مون کي اميد آهي ته ڪانه ڪا ڊيولومينٽ ٿيندي ٻڌڻي دوران وڏي انتظار کان پوءِ به رائو انوار پيش نه ٿيو ته اعليٰ عدالت اڳوڻي ايس ايس پي ملير کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اي ڊي خواجه کان پڇاڻو ڪيو ته پوليس کي اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو جنهن تي سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجه جواب ڏنو ته گذريل ڏينهن شام جو رائو انوار سان واٽس ايپ تي رابطو ٿيو هو سنڌ جي آءِ جي ٻڌايو ته اربع تي رائو انوار مون کي واٽس اپ تي ڪالهه ڪئي هئي ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي پڪ ڏني هئي هن سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ته عدالت معاونت ڪري سگهي ٿي گرفتار ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي جڏهن ته معاملي کي شفاف رکڻ لاءِ نئين ٽيم جوڙي ڇڏي آهي ان موقعي تي چيف جستس ريمارڪس ڏنا ته رائو انوار جتي به هوندو ان کي ڳولي وٺنداسين پهرين ترجيحي ان جي هاضري آهي ۽ نقيب الله جي والدين کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ڪوشش ڪري رهي آهي سپريم ڪورٽ اسٽيٽ بئنڪ کي حڪم ڏنو ته رائو انوار جا سمورا اڪائونٽس منجمند ڪيا وڃن جڏهن ته عدالت حساس ادارن آءِ ايس آءِ اآءِ بي ۽ ايم آءِ کي هدايت ڪئي ته رائو انوار جي گرفتاري ۾ سهولت فراهم ڪن ۽ ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *