مظلومن سان انصاف چاهيون ٿا، ملڪ کي جاتي امرا مان خطرو آهي: قادري/زرداري/عمران

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ کي ڪنهن ٻئي مان نه رڳو جاتي امره جي مجيب رحمان کان خطرو آهي، مان چاهيان ته کيس ڪڍي ڇڏيا ۽ ان ۾ دير به نه لڳندي، مان نواز شريف وانگر پنهنجو نه پر ملڪ جو سوچيندو آهيان، هي جيڏانهن ويندا اتي جاتي امره بڻائيندا، کيس ڪنهن جي پرواهه نه آهي پر اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي هن ملڪ ۾ رهڻو آهي، نواز شريف گريٽر پنجاب واري سوچ رکي ٿو ۽ هو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، اسان ان کان ماڊل ٽائون جي شهيدن جو انصاف ضرور وٺنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل اپوزيشن جي احتمام هيٺ مال روڊ تي ماڊل ٽائون سانحي ۽ قصور سانحي جي انصاف لاءِ ڪوٺايل احتجاجي جلسي جي صدارت ڪندي ڪيو، آصف زرداري چيو ته مان اڳ کان 7 مهينا اڳ هڪ پروگرام ۾ چيو هو ته هي گريٽر پنجاب ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ سچ ان جي وات مان نڪري آيو آهي ته مون کي مجيب رحمان بڻايو پيو وڃي، شيخ مجيب رحمان پاڪستان کي ٽوڙيو، ڇا اڄ تائين اسان جا نسل ان کي معاف ڪري سگهن ٿا، نواز شريف پاڻ چئي رهيو آهي ته مان شيخ مجيب رحمان بڻجڻ چاهيان ٿو پر اهو ته ٻڌائي ته آخر ان سان ٿيو ڇا آهي، پ پ ۽ عوامي تحريڪ سان جيڪو ٿيو پر ان جي باوجود اسان ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي پر اسان پاڪستان کپي جو نعرو هنيو آهي، اسان جو جيئن مرڻ پاڪستان ۾ آهي، اسان هتي رهڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته مان طاهر قادري جو ٿورائتو آهيان جو هن سمورين پارٽين کي هتي اچڻ جي دعوت ڏني، هن چيو ته نواز شريف وارا ايترو قرض وٺي چڪا آهن جو اهي چاهين ٿا ملڪ ڪمزور ٿئي ۽ مودي جو يار جيڪو ڪرڻ چاهي ڀل ڪري، پر الحمد الله جيستائين اوهان آهيو، اسان آهيون، اسان جا ڪارڪنن آهن، عوام آهي، اسان ڪڏهن به ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته هي بلوچستان جي ڳالهه ڪن ٿا، مان دعا ضرور ڏني هئي دعا ۽ دوا ڏيڻ سياسي ماڻهن جو ڪم آهي ۽ سياست ڪرڻ اسان جو حق آهي، اسان ملڪ جي خلاف نه آهيون، اسان ملڪ کي مضبوط ڪيو آهي، اڄ هي ماڻهو ڳالهه ڪري رهيا آهن ته 5 سئو ووٽ کڻڻ وارو وڏو وزير بڻجي ويو، جڏهن توهان ان کي ڊپٽي اسپيڪر بڻايو هو ان وقت ڇا هو، ان شخص جو تعلق آواران سان آهي ۽ آواران اهو علائقو آهي جتي سڀ کان وڌيڪ تڪليفون آيون آهن، اسان بلوچستان ۽ اوهان سان گڏ آهيون، هن چيو ته جڏهن اسان حڪومت ۾ هئاسين ته ان وقت ننڍي ميان صاحب جي واتان گل ڇڻندا هئا پر اسان ڪڏهن به جواب نه ڏنو، ان لاءِ نه ڏنو جو اسان جمهوريت جو سفر پورو ڪرڻ چاهيون ٿا، پر هاڻ اهو لڳي ٿو ته اهي اسان کي مجبور ڪري رهيا آهن ته جمهوريت جو سفر پورو نه ڪن ۽ ان لاءِ اسان کي هن حد تي پهچائڻ چاهين ٿا جنهن سان سفر پورو نه ٿئي پر جيڪي سياسي سوچ رکن ٿا انهن کي خبر آهي ته مان چاهيان ته اوهان کي ڪڍي سگهان ٿو ۽ مون کي ان ۾ دير نه لڳندي پر مان پاڪستان لاءِ سوچان ٿو، اسان کي اڳتي سفر ڪرڻو آهي، اسان کي ناهي رهڻو پر ملڪن ۾ قومن جي زندگي هوندي آهي، نسلن کي هتي رهڻو آهي، اسان هتان جو کائون ۽ پيون ٿا، اسان هن سان وفاداري جو قسم کڻو ٿا، آصف زرداري چيو ته مجيب رحمان واري سوچ رکي اوهان وڏ وزارت جو حلف کنيو، اوهان جي دماغ ۾ ڪهڙي سوچ هئي، مان پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان ذميواري نڀائي پر مان اڄ پنهنجي حلف جي رکوالي ڪري رهيو آهيان، بينظير ڀٽو دنيا جي ملڪن ۾ ليڪچر ڏنا ۽ ان کي ان جا پيسا به ملندا هئا پر هن ڪڏهن به پاڪستان جي خلاف تقرير نه ڪئي هن ڊڪٽيٽر خلاف ضرور ڳالهايو ڇو ته ڊڪٽيٽر ملڪ سنواريندا نه آهن پر بگاڙيندا آهن، اڄ به ملڪ ۾ ضيا جو نشانيون آهن، اسان انهن سان مقابلو ڪري رهيا آهيون، هڪ ناسور ضرور آهي ان سان وڏي مشڪل آهي پر پاڪستان آهي ته اسان آهيون، ان جو پاڪستان سان واسطو نه آهي، ان جو جاتي امره سان واسطو آهي پر مان صاف لفظن ۾ چوان ٿو ته اسان ماڊل ٽائون جو حساب ضرور وٺنداسين، اسان زينب ۽ ٻين جي رت جو به حساب ضرور وٺنداسين.

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته معاشري ۾ ايتري ورهاست ۽ فرق وڌي ويو آهي جو ڪنهن معاملي تي گڏجي ويهڻ جو حوصلو ناهي رهيو، اڄ اسان ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، سڀني کي گهرائڻ جو مقصد پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ نه پر ستل شعور کي جاڳائڻ ۽ بي آوازن کي آواز ڏيڻ آهي. لاهور جي مال روڊ تي گڏيل اپوزيشن جي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي طاهر القادري چيو ته زرداري صاحب اڄ سڀني جو گڏجڻ منهنجو نه پر شهيدن جي قربانين جو ڪمال آهي، اهو ڪمال انهن معصوم ٻارن جو آهي، جن جي حفاظت لاءِ سڀ گڏيا آهن. هن چيو ته انساني حق  چِٿيا پيا وڃن ۽ قومي ناڻو ڦريو پيو وڃي، اسان عدليا کي آزاد رکڻ، هر مظلوم کي انصاف ڏيارڻ ۽ ملڪ کي حيوانن کان بچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، قوم اٿي ۽ سڃاڻي ته دشمن ڪير آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ملڪ جو امن ٽوڙڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن ائين ڪرڻو هجي ها ته نواز شريف ۽ شهباز شريف کي جاتي امرا کان ٻاهر هڪ قدم رکڻ جي به جرئت نه هجي ها، چاهيون ٿا ته قانون عوام ۽ شريف خاندان لاءِ به هڪ جهڙو هجي. طاهر القادري چيو ته اسان ڀڃ ڊاهه ۽ گهيرو ڪرڻ ناهيون آيا، قانون هٿ ۾ کڻڻو هجي ها ته سانحا برداشت نه ڪيون ها، شريفن جي بادشاهي خلاف ڳالهائي رهيا آهيون.27

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه مهينن کان اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو پر ڪو ايڪشن نه ورتو ويو، زينب جو ڪيس منظر تي اچڻ کانپوءِ قوم کي خبر پئي ته اهو اسان جي ٻارن سان به ٿي سگهي ٿو، طاهر القادري ملڪ جي سڀني پارٽين کي گڏ ڪيو، ڊاڪٽر صاحب، قوم توهان سان گڏ بيٺي آهي. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سڄو پاڪستان ڏسي رهيو هو ماڊل ٽائون ۾ بيگناهن تي پوليس گوليون هلايون ويون، 14 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ڇا ماڊل ٽائون ۽ قصور جي متاثرن کي انصاف مليو؟ زينب جي وارثن پنجاب پوليس ۽ وڏي وزير کان نه پر آرمي چيف کان انصاف جو مطالبو ڪيو، راڻا ثناءُ الله کان ته ڪنهن به انصاف نه ورتو، اهو صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي. سندس چوڻ هو ته مان شريف ڀائرن کي 40 ورهين کان سڃاڻان ٿو، نواز شريف جمهوريت تي يقين ئي نٿو رکي، ماڊل ٽائون سانحي پويان ٻنهي ڀائرن جو هٿ آهي. هن چيو ته هڪ شخص جيڪو 3 سئو ارب چوري ڪري ٻاهر کڻي ويندو آهي، ان کي پارٽي جو سربراهه بڻايو ويو آهي، اهڙي شخص لاءِ پارليامينٽ ۾ هٿ کڻي چيو ويندو آهي ته اهو پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو.  پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف دبئي هليو وڃي يا ڪنهن ٻئي پاسي، کيس ڪنهن به صورت ۾ معافي نه ملندي، هيءَ اها ٻلي آهي جيڪا پير سڙڻ تي ٻارن کي پيرن هيٺان رکندي آهي. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو ته نواز شريف صاحب پنهنجي ننڍي ڀاءَ کان پڇو توهان کي ڇو ڪڍيو  ويو؟ حڪمرانن کي جمهوريت جي نه اقتدار جي لالچ آهي. هن چيو ته هر شئي جي هڪ حد هوندي، نواز شريف صاحب توهان اهو ٻڌايو ته توهان هارين کي ٻنين مان ڇو ڪڍيو ؟ توهان کي ڪنهن سازش تحت نه پر اعليٰ عدليا سان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ بدديانتي تي ڪڍيو ويو. سندس چوڻ هو ته شريف خاندان پنهنجي کسيل دولت لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، ميان صاحب جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي پنهنجي اقتدار لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن نواز شريف رهيو ته جمهوريت نه رهندي، ڇو ته اڳوڻو وزير اعظم چاهي ٿو ته جمهوريت ختم ٿي وڃي پر اسان آمرن ۽ انهن جي ٻارن کان جمهوريت بحال ڪرائي آهي.،پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته ماڊل ٽائون ۾ پوليس بيگناهن تي گوليون هلايون، متاثر اڄ به انصاف جا طلبگار آهن، انهن کي انصاف ملڻ گهرجي. مال روڊ تي جلسي کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته حڪمران پارٽي انصاف ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، نواز شريف هر موقعي تي چوندو آهي مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ حڪومت نواز شريف جي آهي، حيران آهيون ته سازش ڪير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر دور جي حڪومت خلاف نواز شريف سازشون ڪندو رهيو، 1990ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، نواز شريف ماضي ۾ چونڊيل وزيراعظم خلاف سازشون ڪيون، انهن چيف جسٽس کي ڪڍڻ لاءِ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، هر سازش جو حصو رهندڙ شخص پاڻ خلاف سازش جو  پِٽڪو ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته اقامو مني لانڊرنگ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي،  اقامي تي ته قيد ٿيڻ گهرجي ها پر عدالت نرمي جو مظاهرو ڪيو.27

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *