نصير آباد ۾ دهشتگردن پاران ٽرانسميشن لائن جي تباهي بريڪ ڊائون جو سبب بڻي: عابد شير علي

لاهور (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته دهشتگردن طرفان سبي ويندڙ مرڪزي ٽرانسميشن لائن جي تباهي ملڪ ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جو سبب بڻي آهي، سرڪاري ٽي وي کي انٽرويو ۾ مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته ڇنڇر جي رات نصيرآباد ۾ دهشتگردن گڊو کان سبي ويندڙ مرڪزي ٽرانسميشن لائن کي تباهه ڪيو جنهن سبب ملڪ  بجلي فراهمي جي نظام تي دٻاءُ وڌيو ۽ پورو ملڪ اونداهين ۾ ٻڏي ويو، هن جو چوڻ هو ته گذريل ٻن هفتن ۾ نصيرآباد ۾ دهشتگردي جو هي ٽئين وڏي ڪارروائي هئي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت مستقبل ۾ اهڙي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بجلي جي فراهمي جو متبادل نظام به وضح ڪري رهي آهي، ياد رهي ته گذريل ڏيڍ مهيني دوران ملڪ ۾ ٽيون ڀيرو بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *