نسله ٽاور بدران سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڌماڪي سان ڊاٺو وڃي ته شهر جو مسئلو ئي حل ٿي ويندو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اڄ هن دور ۾ ماڻهن تي ڀرسو ڪيئن ڪيو ويندو جيڪڏهن ڪنهن قوم کي ختم ڪرڻو اهي ته ان جي اميد ختم ڪري ڇڏيو ڪنهن جي شڪل ڏسي ووٽ ڏيندا ته پوءِ ايئن ٿيندو. پ پ ۽ پي ٽي آئي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. نسله ٽاور ته ڪيرايو پيو وڃي پر جن ماڻهن ان جي اجازت ڏني انهن جي خلاف ڪائي ڪارروائي نه پئي ڪئي وڇي جيڪڏهن ايس بي سي اي کي بم سان اڏايو وڃي ها ته سڄي شهر مان غِرقانوني اڏاوتون ختم ٿي وڃي ها جمعي تي احتساب عدالت ۾ پيشي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ آڊيو وڊيو جي ليڪ جو دور هلي رهيو آهي هڪ ڪلاڪ ۾ نوان نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن هي ڪنهن عام ماڻهو يا ڪنهن ٽي وي ايڪٽر جي وڊيو نه آهي ملڪ جي اعليٰ ترين ماڻهن جي وڊيو اچي رهيو آهي. هن چيوت ه هي اسان سڀني لاءِ ڳڻتي جي گهڙي آهي ڇا اسان وٽ ڪوئي اهڙو سسٽم نه آهي جو ڪنهن کي غلط ڪم کان روڪي سگهون اهڙن عهدن تي اچڻ کان اڳ چيڪ ڇو نٿو ڪيو وڃي اڄ هن دور ۾ ماڻهن تي ڀروسو ڪيئن ڪيو ويندو اڳوڻي چيف جسٽس جي حوالي سان کلي ڳالهه ٻولهه ڇو ٿي رهي آهي هن چيوت ه اهڙو ڪوئي عمل ٿيڻ گهرجي ته ڪوئي غلط ماڻهو سسٽم جو حصو نه بڻجي سگهي عدالت ۾ عام ماڻهن کي انصاف نه پيو ملي 10 سالن ۾ ٻه اڳوڻي چيف جسٽس بابت خبرون هلي رهيون آهن هي عدليه جي حوالي سان ڪوئي سٺو عمل نه آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪڏهن ڪنهن قوم کي ختم ڪرڻو آهي تها ن جي اميد ختم ڪري ڇڏيو ماڻهو هاڻي هر شئي کي نارمل وٺي رهيا آهن ڪردار جي ڪائي اهميت نه آهي جيڪڏهن ماڻهو سٺو نه آهي ته اهو ڪوئي سٺو عهديدار نٿو بڻجي سگهي مصطفيءِ ڪمال چيو ته جڏهن ڪنهن ڇوڪري جي شادي ڪجي ٿي ته ڇوڪري جي ڪردار کي چڱي طرح ڏٺو وڇي ٿو هتي ڪروڙين ماڻهن کي جنهن جي حوالي ڪيو وڇي ٿو ان جي ڪوئي ڄاڻ نٿو وٺي اسان جاماڻهو ليڊرن جو ڪردار معلوم ڪرڻ بنا ووٽ چو ڏئي رهيا آهن هن چيو ته گڏهه تي هڪ لک ڪتاب سٿيا ويندا ته ڇا اهو پي ايڇ ڊي ٿي ويندو. ڪنهن جي شڪل ڏسي ووٽ ڏيندا ته ايئن ٿيندو. منهن جي پي ڊي ايم کي گذارش آهي ته جيڪڏهن اوهان پ پ سان گڏجي انقلاب آڻڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڪجهه نٿو ٿي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *