نرگس فخري ۽ اڪشي ڪمار جي فلم هائوس فل ٿري 3 جون تي ريليز ٿيندي

ممبئي (شوبز نيوز) آمريڪي ماڊل ۽ اداڪاره نرگس فخري ۽ اڪشي ڪمار جي نئي مزاحيا فلم ”هائوس فل ٿري“ 3 جون تي ريليز ڪئي ويندي. بالي ووڊ جي نئي مزاحيا فلم جي ڪهاڻي ساجد فرهاد لکي آهي جڏهن ته ان جي هدايت پڻ ساجد فرهاد ئي ڏني آهي. فلم ۾ اداڪاري ڪندڙن ۾ نرگس فخري، اڪشي ڪمار، اڀيشيڪ بچن، رتيش ديش مک، جيڪولين فرنينڊس ۽ بومن ايراني شامل آهن. فلم جي موسيقي ساجد واجد ترتيب ڏني آهي. بالي ووڊ جي نئي مزاحيا فلم هائوس فل ٿري 3 جون تي ڀارتي سينما گهرن ۾ ريليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *